ڪڙيوگهنور ( رپورٽ: عبدالرسول سمون ) يوسي دبي جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٻاگهلي ڪتيرن ئي بنيادي سهولت کان محروم آهي، اسڪول عمارت گذريل ڪيترن ئي سالن کان زبون حالي جو شڪار هجڻ سبب گلن جهڙا معصوم ٻارڙا شديد گرمي بنا ڪنهن سهولت جي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن انهئ حوالي سان ڳوٺاڻن اتي اسڪول تي موجود استاد عبيدالله ٻٻر ٻڌايو ته هن اسڪول ۾ 65 کان 70 ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا ، مگر هن اسڪول ۾ ڪابه سهولت نه آهي ، اسڪول جي ايس ايم سي به گذريل 4 سالن کان بند آهي ، ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ڪنهن به وقت جاني نقصان جو انديشو رهي تو ، 2012 ۾ هن اسڪول جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي پئيسا وٺي ڀڄي ويو ، جڏهن ته ڳوٺاڻن امام بخش مهيري ، اسماعيل مهيري، عبدالرزاق مهيري ، ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيوته اسان جي ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت گذريل ڪيترن سالن کان زبون حال آهي ، اسان ڪيتريون ئي درخواستون ڏنيون مگر اڃا تائين ڪو به عمل نه ٿئي سگهيو آهي ، 2012 کان اسڪول زبون آهي جنهن ۾ ڪا به سهولت مئيسر ناهي ، ڇت جا چاپڙ ڪرڻ ڪري ٻار خوف سبب اسڪول پڙهڻ نه ٿا وڃن اسڪول ڪيترن ئي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي.