ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور شھر  ۾ جي ڊي اي جو درياهه بچايو بدين ۾ ٿيندڙ  بيداري مارچ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ايس ٽي پي ، قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽي جي اڳواڻن جي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور، ايس ٽي پي جي ابوبڪر ڪڇي  ۽ ٻين چيو ته ڪڙيوگهنور مان هزارين ماڻهو  بدين بيداري مارچ ۾ شرڪت ڪندا، حڪومت مان عوام بيزار ٿي چڪو آهي ، هنن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي زرعي پاڻي جي کوٽ آهي، نوان ڊيم ٺاهي سنڌ جي زراعت کي تباھه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، بدين وارو جلسو تاريخي هوندو، جلسي کي اياز لطيف پليجو، صدرالدين شاھ راشدي، ڊاڪٽر ذوالفقارمرزا، صفدر عباسي، زين شاھه، آزاد اميرحسن پنهور ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون  ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.