ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني جي پهرين جوڙ جي اداڪارا صبا قمر عيد جي تصويرن سوشل ميڊيا تي شيئر نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. صبا قمر پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ذريعي اهڙن مداحن لاءِ هڪ خاص پيغام شيئر ڪيو، جيڪي سندس عيد جون تصويرون ڏسڻ لاءِ بيچين هئا. اداڪارا پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته ”مان ڄاڻان ٿي ته ڪيترائي مداح منهنجي عيد جون تصويرون ڏسڻ چاهين ٿا، پر مون هن عيد تي هڪ به تصوير نه ڪڍي. صبا قمر لکيو ته ” مان عيد تي نوان ڪپڙا به نه پهريا ۽ نه ئي تياري ڪئي، ڇاڪاڻ ته مون کي ان جي ڪا ضرورت محسوس نه ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ”هن عيد تي مان رڳو آرام ڪرڻ چاهيان پئي، تنهنڪري مون عيد جا ٽي ڏينهن مڪمل سڪون سان گذاريا، پنهنجي وارن ۾ تيل لڳايو، سٺو کاڌو کاڌم، ۽ خاموش رهي دل سان دعائون گهريون.“ صبا قمر اهو به لکيو ته ”مان گذريل ڪجهه مهينن کان لاڳيتو ڪم ڪري رهي هيس، مسلسل سفر سبب منهنجي دل عيد تي مختصر وقفي جو پهه ڪيو ۽ مون دل جي ڳالهه مڃي.“ اداڪارا چيو ته ”ڪڏهن ڪڏهن اسين رڳو پنهنجي سڪون لاءِ گهر وڃون ٿا ته هن ڀيري مون به عيد تي ائين ئي ڪيو، گليمر ۽ گوڙ کان پري، رڳو پنهنجي لاءِ وقت ڪڍيو، هاڻي مان ٻيهر ڪم تي واپس اچي وئي آهيان ۽ واعدو ٿي ڪريان ته جلد ئي اوهان کي پنهنجي باري ۾ وڌيڪ ٻڌائينديس.“ صبا قمر پنهنجن مداحن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ”جيئن توهان هميشه مون سان گڏ رهيا آهيو، مان به اوهان کي اها صلاح ڏيان ٿي ته هميشه دل جي ڳالهه ٻڌو.“