ڪڍڻ (ن پ ا) ڪڍڻ لڳ ڳوٺ جمن ملاح جي رھواسي رمضان ملاح جي گھر مان چوري ڪندڙ جوابدارن مبينا طور حملو ڪري ڳوٺاڻي رمضان ملاح کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف متاثر ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائيندي ٻڌايو ته آئون مڇي ماري واپس اچي رهيو هئس ته گهر مان چوري ڪندڙ جوابدارن حملو ڪري ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن مان جان جو خطرو آهي، نوٽيس وٺي تحفظ ڏنو وڃي.