ٺٽو ( رپورٽر ) ڪڍڻ واسي نوجوان گذريل ٻن مهينن کان گم آهي ۽ گم ٿي ويل نوجوان جي هٿ نه اچڻ ڪري سندس گھر ۾ سخت پريشاني وارو ماحول ڇانيل آهي ان ڏس ۾ بدين ضلعي جي ڪڍڻ واسي الهبچايو خاصخيلي ٺٽو پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نوجوان شهباز پٽ خدا بخش خاصخيلي گذريل 2 مهينن کان گم آهي گھڻي ڳولا جي باوجود ڪٿان ڀي گم ٿي ويل نوجوان جو ڪوئي ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو هن چيو ته گم ٿي ويل نوجوان جي ماءُ ۽ پيءءُ فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته هو 3 ڀينرن جو اڪيلو هڪ ڀاءُ آهي هن چيو ته نوجوان جي ڏس پتي نه ملڻ تي ڀينرن ۾ روڄ راڙو متل آهي جڏھن ته هن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته گم ٿي ويل نوجوان شهباز پٽ خدابخش خاصخيلي جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي ته جيئن گم ٿي ويل نوجوان جي گھر ۾ متل روڄ راڙي جو خاتمو اچي سگھي .