ڪڍڻ:( رپورٽ : رضا شاهه ) ڪڍڻ لڳ ڳوٺ تماچي بجير جي پرائمري اسڪول تماچي بجير ۾ حاضري جي معاملي تان استادن ۾ جھيڙو ٿي پيو، پرائمري استاد امتياز عمراڻي ۽ نئين ڀرتي ٿيل ھيڊ ماسترياڻي تنجينه زھره خواجه ۽ مظفر ۾ جھيڙو ٿي پيو. ماسترياڻي تنجينه ۽ استاد مظفر کٽي ڪڍڻ ٿاڻي تي پھچي مارڪٽ ڪندڙ استاد امتياز عمراڻي خلاف ڪڍڻ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي، ڊي ايس پي بدين ڪڍڻ ٿاڻي پھچي ويو. امتياز عمراڻي خلاف ايف آء آر پي پي ايس 353, 504, 509, 506/2 تحت ڪيس داخل  ڪئي  وئي. استادن کي ميڊيڪل لاء صحت مرڪز ڪڍڻ روانو ڪيو  ويو، جتان استادن کي فرسٽ ايڊ ڏيئي بدين ھيڊ ڪوارٽر روانو ڪيو ويو. اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي تنجينه زھره خواجه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو استاد امتياز عمراڻي ڊيوٽي تان غير حاضر رھي ٿو، جنھن کي ڊيوٽي پابندي سان ڪرڻ جو چيم ته ھن مونکي ٿڦڙون هنيون ۽ ڌڪ ڏنا. وچ ۾ استاد مظفر کٽي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مٿس به امتياز عمراڻي سخت تشدد ڪيو. اسان اھڙي رپورٽ بالا آفيس کي ڪئي پر آفيس پاران ڪو به تدارڪ نه ٿيو. آفيس وارا اسان جي فون کڻڻ لاءِ تيار نه آھن، امتياز عمراڻي کي تنظيم جي پٺڀرائي حاصل آھي، ھن سيڪريٽري تعليم، ڊاريڪٽر تعليم حيدرآباد ۽ ڊي اي او بدين کان مطالبو ڪيو ته ڊيوٽي دوران اسان تي تشدد ڪندڙ امتياز عمراڻي خلاف سخت ڪاروائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي ڪڍڻ ٿاڻي جي وڏي منشي چيو ته جوابدار جي گرفتاري لاء پوليس رواني ڪئي آھي.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليم واري سيڪريٽري  اڪبر لغاري سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي پرائمري استاد کي معطل ڪري ڇڏيو آھي، هن ٻڌايو ته ڪنهن کي تعليمي ادارن ۾ تشدد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڪڍڻ جي اسڪول جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ نظر ايندڙ استاد کي معطل ڪري سندس خلاف انڪوائري ڪرائي ويندي،  جڏهن ته اسڪول جي استادن ۽ شاگردن کي مڪمل تحفظ فراھم ڪرڻ لاءِ  بدين جي ايس ايس پي کي لکندس.