ڊيره بگٽي(م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪڇي ڪئنال ٺهڻ سان زرعي انقلاب ايندو، واويلا اجائي آهي، هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هاڻي سوئي جا ٻار به اتي پڙهندا جتي سردارن جا ٻار پڙهندا آهن، غريبن جا ٻار به تعليم حاصل ڪندا، ميرٽ تي داخلائون ڏنيون وينديون، پوري بلوچستان مان 30 هزار نوجوان ٻاهر ويندا. هن وڌيڪ چيو ته مون چيو هو ته سوئي ماڊل ٽائون ٺهندو اڄ اسان ٻيهر شروع ڪري رهيا آهيون، سوئي ۾ هر گهٽي کي پڪو ڪيو ويندو.