سکر (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته شهيد صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ زيادتي ۽ وڏي ناڪامي آهي، جان محمد مهر جا قاتل واضع آهن ۽ ڪچي ۾ موجود آهن، پاڻي هئڻ سبب قاتلن جي گرفتاري ۾ دير ٿي آهي، احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته احتجاج ڪرڻ هر پارٽي جو جمهوري حق آهي پر احتجاج آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهي ٿيڻ گهرجي، احتجاج جيڪڏهن تخريبڪاري ۾ تبديل ٿيو ته برداشت نه ڪيو ويندو، هن چيو قانون ڪنهن کي نٿو ڇڏي، احتجاج تي ماڻهو آزاد ٿيڻ لڳا ته جيل خالي ٿي ويندا، 27 هين ترميم نه پر 26 هين آئيني ترميم منظور ٿي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته مولانا پاڻ 26 هين ترميم تي ووٽ ڏنو، سندس ڏنل ترميمون به پاس ٿي ويون آهن، انساني حقن جي خلاف پارليامينٽ ڪا به ترميم ڪڏهن به پاس ناهي ڪئي، پ پ اڳواڻ چيو ته پ پ جو سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي واضح موقف آهي، اسان ماضي ۾ به کليل احتجاج ڪيو هو.