ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اغوا وارداتون ختم ٿيڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران 19 سيڪڙو بجيٽ وڌائڻ سان سنڌ پوليس کي ڪافي سپورٽ ملي آهي، حڪومت هيل ٿاڻن لاءِ به  الڳ بجيٽ مختص ڪئي آهي، پوليس ۾ عورتن جي ڪوٽا 5 مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪئي وئي آهي صوبائي سول سروسز جي سيڪنڊ سينيئر مينيجمينٽ ڪورس جي 19 هين گريڊ جي 27 آفيسرن  سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪچي ۾ اغوا جون وارداتون تقريبن ختم ٿي ويون آهن، هن وقت هني ٽريپ ( هرکائي) ذريعي ماڻهن کي گهرائي اغوا بعد ڀنگ طلب ڪيو پيو وڃي، هلندڙ سال دوران پوليس 900 کان وڌيڪ شهرين کي هني ٽريپ کان بچايو آهي، هن چيو ته گذريل ٻن مهينن دوران ڪيترائي ڌاڙيل مارجي ويا آهن، ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، هن وقت ڌاڙيل سوشل ميڊيا ذريعي اهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته ڪچي ۾ امن امان ناهي، پوليس  آپريشن جاري رهڻ سان تمام جلد ڪچو  ڌاڙيلن کان پاڪ ٿي ويندو، هن چيو ته سنڌ پوليس جي ملازمن لاءِ هيلٿ انشورنس نظام مڪمل طور فعال ٿي چڪو آهي.