ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران گھرو وزير برگيڊيئر(ر) حارث نواز چيو آهي ته الخدمت وارن نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاء بھترين ڪم ڪيو آهي، اهي محنت سان آءِ ٽي ڪورس ڪندا ته 200 ارب ڪمائي سگھن ٿا . جماعت اسلامي جي آءِ ٽي ٽيسٽ بنو قابل دوران ڳالهائيندي هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي ٿيندڙ مسئلا گڏجي حل ڪنداسين ـ ھن چيو ته اسين ڊرگ مافيا ۽ منشيات فروشن خلاف مھم ھلايون پيا ـ ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن خلاف ھر ممڪن ڪارروائي ڪنداسين، ان موقعي تي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته 2024 ۾ الخدمت ڪراچي ۾ بنو قابل آءِ ٽي ڪاليج ٺاھيندي۔