سنڌ ڌرتيءَ تان هميشه پيار، امن ۽ ڀائيچاريءَ جو دَرس دنيا جي ڪُنڊَ ڪُڙَڇ ڏانهن پهتو آهي، پر افسوس جو هِيءَ صوفين جي ڌَرتِي هِن وقت بدامنيءَ جي باهه ۾ ٻَري رهي آهي. سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي تڪرارن، ڀنگ لاءِ اغوا واريون وارداتون، ڌاڙن، چورين وارن واقعن توڙي قتل ۽ غارت وارن واقعن وارو موضوع اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا جي زِينَت بڻيل آهي. اهڙي ريت حڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ کان سواءِ اڪثريت سياسي، مذهبي، سول سوسائٽي، ساڃاهه وندن توڙي متاثر شهرين مختلف وقتن تي ويهَڪُون منقعد ڪرڻ، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، نيشنل، انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي. اِن سان گڏ شهرين امن امان جي بحاليءَ لاءِ عدالتن جو دروازو به کڙڪايو آهي. عدالت به سنڌ حڪومت توڙي لاڳاپيل اختيارينءَ کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن پر سماجي دشمن ڌاڙيلن جون ظالمانا ڪارروايون جيئن جو تيئن جاري آهن. بدامنيءَ جي راڪاس کي ڪيئن منهن ڏجي..؟ شهرين جي جان، مال جي حفاظت لاءِ ڪهڙا اُپاءٌ وٺڻ گهرجن..؟ ورهين کان هلندڙ آپريشنز باوجود پوليس ڌاڙيلن جي خاتمي ۾ ڪامياب ڇو ناهي ٿي سگهي..؟ عوام جي دردن، اهنجن، تڪليفن کي محسوس ڪرڻ ۽ امن امان جي بحاليءَ لاءِ جماعت اسلامي سنڌ پاران سکر ۾ هڪ ويهڪ منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ پوري سنڌ سان تعلق رکندڙ سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست جماعتن، وڪيل، صحافي، اقليتي برادري توڙي سڄاڻ ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نجي هوٽل ۾ منعقد ڪيل ويهڪ ۾ حڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ کي شرڪت جي دعوت ئي نه ڏني وئي هئي، جنهن مان معلوم ٿيو ته سنڌوءَ تي ڪئنال اڏڻ متعلق ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ حڪمران جماعت کي دعوت ڏئي گهرائڻ تي هڪ مذهبي جماعت کي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو، ڇو جو پيپلز پارٽيءَ متعلق اهو تاثر عام آهي ته پيپلز پارٽي سنڌوءَ تي ڪئنال اڏڻ واري معاملي تي ٻٽو معيار اختيار ڪيو آهي. هڪ طرف صدر آصف علي زرداري ذريعي منظور ڏني وئي آهي ته ٻئي طرف پ پ حڪومت اِن جي ترديد ڪري ڪئنالن جي مخالفت ۾ بيان ڏئي رهي آهي.
سنڌ ۾ بدامنيءَ جي راڪاس، خاص ڪري سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڏهن ضلعن متعلق ويهڪ ۾ ويٺلن پاران پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ بدامني متعلق آگاهه ڪرڻ سان گڏ تجويزون پڻ ڏنيون. ويهڪ ۾ ٻڌايو ويو ته، سنڌ جي پنجن ضلعن جي ڪچي وارن علائقن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڌاڙيل پڪي جي سهولتڪارن جي سرپرستيءَ ۾ 72 لک آباديءَ کي يرغمال بڻائي ويٺا آهن. جديد دور ۾ 19 هين صديءَ واري زندگي گهاريندڙ ڌاڙيلن وٽ 21 هين صديءَ جا جديد هٿيار موجود آهن، جنهن بدولت هُو رياست کي سري عام چئلينج ڪندا رهن ٿا. ويهڪ ۾ سوال اُٿاريو ويو ته اِهي جديد هٿيار ڌاڙيلن تائين ڪچي وارن علائقن تائين ڪيئن ٿا پهچن..؟ بارڊرز سيڪيورٽي، رينجرس، پوليس توڙي غيرقانوني هٿيارن جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا ڇو خاموش آهن؟ ڇا سماجي، انسان دشمن ڌاڙيل بنا تربيت جي انهن جديد هٿيارن جو استعمال ڪري رهيا آهن؟ جيڪڏهن نه ته اُها تربيت ڪير ۽ ڪٿي ڏئي رهيو آهي، اِن متعلق اسان جا سيڪيورٽي لاڳو ڪندڙ ادارا ڇو پتو ناهن لڳائي سگهيا؟ جيڪڏهن پتو لڳايو ويو آهي ته اِن عمل جي روڪٿام ڇو ممڪن ناهي ٿي سگهي، سميت ڪيترائي سوال اُڀرن ٿا، جن جا جواب حڪومت يا لاڳاپيل اختياريون ئي ڏئي سگهن ٿيون. ويهڪ ۾ ٻڌايو ويو ته امن امان جي بحالي تي 155 ارب روپيا بجيٽ خرچ ٿيندي آهي، اِن کان سواءِ اربين روپيا آپريشن جي مد ۾ پڻ حڪومت جاري ڪندي آهي، اِن باوجود امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب ڇو آهي. ڇا ڌاڙيلن جيان بدامنيءَ واري ٻرندڙ باهه جو فائدو ڪو ٻيو به کڻي رهيو آهي؟ هر سال ايڏي وڏي بجيٽ خرچ ٿيڻ باوجود نتيجو نه ملڻ تي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ ايڏي وڏي بجيٽ باوجود حڪومتي ڪارڪردگي ڇو زيرو آهي، هر ضلعي ۾ پنج کان 8 معصوم، بيگناهه شهري ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن، آپريشن جي نالي تي اربين روپين جي بجيٽ الڳ هر سال هڙپ ڪئي پئي وڃي. لکين ايڪڙ ڪچي جي زمينن تي ٿيندڙ فصل مان سڀ پنهنجو حصو وصول ڪري رهيا آهن. ويهڪ ۾ سوال اُٿاريو ويو ته، ڌاڙيلن پ پ سان تعلق رکندڙ وزيرن، اڳواڻن، انهن جي اولادن، مٽن، مائٽن کي ڪڏهن اغوا ڇو ناهي ڪيو؟ اُنهن جو به پوري سنڌ ۾ وڏو ڪاروبار هلندڙ آهي، ڌاڙيلن ڪڏهن ڀتي جي پرچي اُنهن کي ڇو ناهي اماڻي؟ پنهنجي ڌرتيءَ، شهر ۽ خاندان جي خوشحاليءَ لاءِ ڪاروبار ڪندڙن کان ئي ڇو ڀتو وصول ڪيو پيو وڃي؟ ڇو اقليتن جي جنم ڀومي ڌرتيءَ کي اُنهن لاءِ تنگ ڪيو آهي جو هو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. پنجن ضلعن کي ڄڻ وانا ۽ وزيرستان وارن علائقن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. نتيجي ۾ 16 هزار خاندان لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. جيڪو سلسلو جاري آهي. ڪشمور ۾ هندو مغويءَ کي اغوا ڪري اُن کان مِل لکي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. ڪنهن جي نالي تي مِل لکي ڏيڻ جو مطالبو ٿي رهيو آهي، ڇا حڪومت کي خبر ناهي؟ سي پي او جي رپورٽ موجب، 200 ماڻهو صرف ٻن مهينن جنوري، فيبروري ۾ اغوا ٿيا. سنڌ ۾ 72 هزار وارداتون ٿيون آهن، اهي سرڪاري انگ اکر سنڌ پوليس ۽ حڪومت جي ناڪاميءَ جو اعتراف آهن. عوام ۽ سياسي جماعتن جي احتجاجن، ڌرڻن باوجود حڪومت ۽ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي امن امان جي حوالي سان هر سال اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود نتيجو زيرو آهي. ائين لڳي ٿو ته چوڪيدار چورن سان مليل آهي. سنڌ اندر ڌاڙيل راڄ قائم ٿيڻ ۾ حڪومتِ وقت ڀاڱي ڀائيوار آهي، هاڻي به جيڪڏهن اسان سنڌ جي برباديءَ، بدامني، قبيلائي تڪرارن، ۽ پاڻيءَ تي ڌاڙي کان وٺي ڌاڙيل راڄ تائين خاموش رهياسين ته پوءِ تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. ڇو ته مزاحمت ۾ ئي زندگي آهي ۽ غلاميءَ ۾ موت آهي. اڳوڻي ايس ايس پي شڪارپور پاران اماڻيل رپورٽ تي ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ ڇو سرد خاني حوالي ڪئي وئي؟ حڪومت جو ڪم عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي يا اهڙن عناصرن جي مالڪي ڪرڻ آهي؟ سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار اسيمبلي فلور تي عوام کي پريا ڪماريءَ جي واپسيءَ جي خوشخبري ٻڌائي پر 41 مهينا گذري ويا، سنڌ جي نياڻيءَ پريا ڪماريءَ جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو. اُن جي اَمڙ پنهنجي نياڻي جي واپسيءَ جي آس کڻي روئيندي رهي ٿي. ڇا گهر وزير ٻڌائيندو ته ڪهڙي بنيادن تي هن اسيمبليءَ فلور تي ايڏو وڏو اعلان ڪيو؟ جيڪڏهن واقعي ئي سنجيده ۽ اهم اڳڀرائي ٿي هئي ته اڄ تائين پريا واپس ڇو ناهي پهتي؟ ڇا واقعي ئي پريا ڪماريءَ جي اغوا پٺيان ڪي بااثر هٿ ملوث آهن؟ آخر ڇو سنڌ حڪومت ۽ اُن جا وزير عوام جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن. 18 سالن کان فضيلا سرڪي اغوا ٿيل آهي، جنهن جي امڙ هر در تي وڃي دانهن ڏني آهي ته جيڪڏهن منهنجي نياڻي زنده آهي ته واپس ڪرائي وڃي ۽ خدا نه ڪري جيڪڏهن قتل ٿي وئي آهي ته اُن جو لاش ڏيکاريو وڃي پر بيحس حڪمران مسلسل ڪن لاٽار ڪري ويٺل آهن ۽ اُن جيجل امڙ جي سوال جو جواب هن وقت تائين ناهن ڏئي سگهيا. شهيد سينيئر صحافي جان محمد مهر جا قاتل پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي وزيرن توڙي اهم پارٽي اڳواڻن جي خاطرين باوجود قانون کان آجا آهن. ائين ئي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي، اجمل ساوند، فاطمه ڦرڙو جو خون پڻ انصاف لاءِ واجهائي رهيو آهي.ويهڪ کي معنيٰ خيز بڻائڻ جي لاءِ امن بحالي ڪميٽي جي پليٽ فارم تان احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو. جنهن تحت ايندڙ جمعي تي سمورين مذهبي ڌرين کي پابند بڻايو ويو ته جمعي واري خطبي ۾ امن امان جي بحاليءَ متعلق جاڳرتا مهم هلائي وڃي. 28 جنوري تي سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي 10 ضلعن جي ايس ايس پي آفيسن آڏو بدامنيءَ خلاف ڌرڻا هڻڻ، 16 فيبروريءَ تي ٻٻرلوءِ وٽان نيشنل هاءِ وي ۽ شڪارپور وٽان انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اِن باوجود امن بحال ڪرائڻ لاءِ حڪومت سنجيده ڪوششون نه ڪيون ته وزير اعليٰ ھائوس جو گهيراءُ ڪيو ويندو. ويهڪ ۾ اِها تجويز به غور هيٺ آئي ته جماعت اسلامي مختلف مسئلن تي ملين مارچ ڪري چڪي آهي، تنهن ڪري سنڌ جي هن ٻرندڙ مسئلي تي به گڏيل طور تي اسلام آباد تائين ملين مارچ ٿيڻ گهرجي، جنهن تي چيو ويو ته جيڪڏهن وزير اعليٰ هائوس جو گهيراءٌ ٿيڻ باوجود سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ واضح بهتري نه آئي ته هڪ اجلاس ڪوٺائي متفقه طور تي اسلام آباد ڏانهن ملين مارچ ڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. اِها حقيقت آهي ته جيڪڏهن سنڌ جون سموريون ڌريون بدامنيءَ جي راڪاس واري اهم مسئلي تي هڪ آواز ٿي جدوجهد ڪن ته امن امان جي بحالي ممڪن ٿي سگهي ٿي. جنهن لاءِ ڪجهه تجويزون پڻ غور هيٺ آيون ته سنڌ جي سمورن سردارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي پابند بڻايو وڃي ته هو برادري سطح تي قبيلائي تڪرار ختم ڪرائڻ جا پابند هوندا. ٻي صورت ۾ اُنهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪچي جي ڌاڙيلن جي پڪي ۾ سرپرستي، سهولتڪاري ڪندڙن خلاف ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان عملي ڪارروائي ڪئي وڃي. سنجيدگيءَ سان ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪندڙ هر شخص خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڀلي اهو وزير، چونڊيل نمائندو يا ڪيڏو به بااثر ڀوتار ڇو نه هجي. ڊويزنز ۽ ضلعن ۾ ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز پسند نا پسند بجاءِ ميرٽ تي مقرر ڪيا وڃن. ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ٻيهر مقرري نه ڪئي وڃي. تازو ئي ڪاررواين دوران پڪڙيل جديد هٿيارن جي کيپ متعلق شفاف جاچ ڪري اُنهن اصل هٿن تائين پهچ کي يقيني بڻايو وڃي. ڪچي ۾ جديد هٿيارن جي پهچ، جديد هٿيار هلائڻ جي سکيا ڏيندڙ توڙي هن دور ۾ به 19 هين صديءَ واري زندگي گذاريندڙ ڌاڙيلن کي سمورين بنيادي سهولتن جي فراهميءَ ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جو سچائي، ايمانداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان گهيرو تنگ ڪيو وڃي ته ڌاڙيلن جو جلد خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو.