ڪراچي( رپورٽر ) پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊئي چيو آهي ته سنڌ کي ننڍڻڪو نه سمجهو ڪٿي سنڌ واسي به نه آپگهاتي بمبار بڻجي وڃن، سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته سردار خان چانڊئي چيو ته سنڌ اڳ ئي پاڻي لاءِ تڙپي ٿي، سم نالن تي پوکائي ٿا ڪيون هن چيو ته صدر زرداري گڏيل ايوان ۾ ڪئنالن جي مخالفت ڪئي کيس سلام پيش ڪيون ٿا چاچي نثار کهڙو به پنهنجو موقف ڏنو ، هن چيو ته اسان خاموش نه ويهنداسين سنڌ کي ننڌڻڪو نه سمجهو، سنڌ واسي به خودڪش بمبار نه بڻجي وڃن سندس چوڻ هو ته اسان آخري حد تائين ويڙهه ڪنداسين، پ پ ايم پي اي جو چوڻ هو ته ٺٽو ضلعي جي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي آفتون پنهنجي جڳھه تي سمنڊ ڪوٽڙي بئراج تي اچي پهتو آهي هن چيو ته رائيٽ بئنڪ جي ڪا به بئراج ناهي جنهن ۾ ٽيل تائين پاڻي پهچندو هجي، پاڪستان کپي جو نعرو هنيو ڇا ان جي سزا ڏني پئي وڃي سنڌ پاڪستان ٺاهيو سنڌ ئي بچائيندي هن چيو ته آر بي او ڊي اسڪيم وفاق آج تائين ناهي ٺاهي سگهي فنڊ بند آهن