ڪراچي: پنجاب  ۾ اڇي مک جي حملي باوجود ملڪ ۾ ڪپهه جي پيداوار ۾ 80 سيڪڙو واڌ ريڪارڊ ڪئي وئي، ان ڏس ۾ ڪاٽن جنرز فورم جي چيئرمين احسان الحق موجب  15 سيپٽمر تائين پنجاب ۾ 15 لک 35 هزار ( 53 سيڪڙو ) ۽ سنڌ ۾ 23 لک 89 هزار ( 115 سيڪڙو) ڳٺڙيون تيار ٿيون، انهي عرصي ۾ ٽيڪسٽائل ملز 33لک 12 هزار ڳٺڙيون خريد ڪيون، جڏهن ته  پرڏيهي فرم کي 2 لک 27 هزار ڳٺڙيون وڪرو ڪيون ويون، هن وقت ڪاٽن فيڪٽرين وٽ 4 لک ڳٺڙين جو اسٽاڪ  پيل آهي