اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) کارڪون، انب، دالون، ڪپهه، ڪڻڪ سميت ٻين ميون ۽ جنسن جا منصوبا قومي ترقياتي پروگرام مان ڪڍيا ويا. غذائي تحفظ بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ ميثاق زراعت واضع ڪرڻ جو فيصلو، هڪ هفتي اندر گروپ قائم ڪيو ويندو. عذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ کارڪون، انب، دالون، ڪپهه، ڪڻڪ سميت ٻين ميون ۽ جنسن جا منصوبا قومي ترقياتي پروگرام مان ڪڍڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي پهريون قومي ميثاق زراعت واضع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسٽينڊنگ ڪاميٽي پي اي آر سي ۾ زرعي سائنسدانن جي غيرقانوني ڀرتين بابت ايف آءِ اي کان جاچ رپورٽ طلب ڪئي وئي. ڪاميٽي واضح ڪيو ته ڪڻڪ جي در آمد بابت نه ڪو فيصلو ٿيو آهي، نه ئي ڪڻڪ ٻاهرين ملڪ مان گهرائي وئي آهي. وزيراعظم ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ در آمد ڪيل ڪپهه تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.  ماهرن ٻڌايو ته TIR1 انجڻ وارن ٽريڪٽرن ۾ تيل استعمال ٿئي ٿو، جيڪي نه صرف زرعي خرچ وڌائن ٿا پر موسمياتي تبديليءَ جو به سبب بڻجي رهيا آهن، جڏھن ته دنيا TIR5 انجڻ استعمال ڪري رهي آهي. اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين سيد طارق جي صدارت هيٺ پارليمينٽ ۾ ٿيو، ڪاميٽي ميمبرن لاڳاپيل اختيارين جي دعوي کي رد ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ زراعت کي تباهه ڪيو ويو آهي، رڳو فائلن ۾ وڏا منصوبا آهن، زمين تي ڪجهه به ناهي. رانا حيات چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو انب 100 رپين ۾ وڪامي ٿو، ساڳيو انب برطانيا ۾ 9 هزار رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، پر مقامي آبادگار کي ڪو فائدو ناهي. سرمائيدار اسان جي هارين جي محنت مان فائدو کڻي رهيا آهن، پنهنجي هارين، آبادگارن کي ان قابل ڇو نٿو بڻايو وڃي ته هو برآمد ڪري سگهن. اسان جي آبادگارن جو ٽماٽو هڪ رپيا في ڪلو وڪرو ٿئي ٿو. 78 ورهين ۾ صرف سرڪاري بريفنگ وارو سلسلو جاري آهي. هِتي ٽماٽر وڌائڻ جا يارنهن پلانٽس ڪو ٻيو کڻي ويو نالو هارين جو ورتو ويندو آهي. ڪو پڇڻ وارو ناهي. ڪڻڪ ۽ ڪپهه پاڪستان جي لائيف لائين آهن. هِتي امدادي قيمتن کي ختم ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي ميمبر ذوالفقار علي چيو ته کارڪن جي پوک لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ وڏين ڪوششن کانپوءِ منصوبي کي شامل ڪرايو ويو، پر ان سميت ٻيا زرعي منصوبا وفاقي بجيٽ مان خارج ڪيا ويا. اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جي خدشن جو سيڪريٽري مطئين ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندو رهيو. ڪاميٽي هدايت ڏني ته شاهه لطيف يونيورسٽي ۽ ٻين لاڳاپيل يونيورسٽين سان رابطو ڪري کارڪن جي پوکائي بابت تحقيق مان فائدو ورتو وڃي. ڪاميٽي ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته درآمدي ڪپهه تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي جو نوٽيفڪيشن فوري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪاميٽي مڪئي وانگر وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ در آمدي ڪپهه جو ٻج سستي اگهه تي پاڪستان ۾ موجودگيءَ لاءِ نجي ڪمپنين کي دعوت ڏني ويندي. انهن ڪمپنين کي ٽيڪنالاجي جي منتقلي بابت خدشا آهن، ۽ اهي ضمانت چاهين ٿيون. هائبرڊ ٻجن بابت به بريفنگ ڏني وئي، پر ڪاميٽي مجموعي طور تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. چيئرمين پي اي آر سي (Pakistan Agricultural Research Council) کان زرعي سائنسدانن جي غيرقانوني ڀرتين بابت ايف آءِ اي جي رپورٽ گهري وئي آهي، پوري ملڪ اندر انهن غير قانوني ڀرتين ذريعي سرڪاري آفيسرن جي من پسند ماڻهن ۽ مائٽن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي.  ڪاميٽي، کارڪن ۽ ٻين زرعي منصوبن جي نظرانداز ٿيڻ تي رپورٽ طلب ڪئي آهي. ميمبرن شڪايت ڪئي ته نئين ٻجن مان پيدا ٿيندڙ صوف جو ذائقو نه آهي. اها ڪارڪردگي آهي جو هاڻي فروٽ به پنهنجو ذائقو وڃائي رهيا آهن. تحقيق ڪندڙن دعويٰ ڪئي آهي ته خوش ذائقه آهن ۽ ميمبرن کي ڪنهن ڪاميٽي اجلاس ۾ صوف پيش ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي ته جيئن هو پاڻ ذائقو چيڪ ڪن. ايندڙ اجلاس ۾ اين اي آر سي ۾ منعقد ڪرڻ فروٽ جي پئداوار ۽ ٻچن جي معائني جو معيار چيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.