اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال دوران زرعي شعبي جي پيداوار جي حوالي سان مقرر ٿيل ڪپهه، چانورن، ڪڻڪ جا هدف حاصل نه ٿي سگهڻ جو اعتراف ڪندي هلندڙ مالي سال دوران مختلف معاشي هدف به حاصل نه ٿي سگهڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، نيشنل اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس کان پوءِ رٿابندي جي وفاقي وزارت پاران جاري ڪيل تفصيلن ۾ چيو ويو آهي ته  هلندڙ مالي سال 2022-23ع دوران زرعي شعبي جي پيداوار متاثر ٿي آهي ۽ زرعي فصلن جي پيداوار جا هدف حاصل نه ٿي سگهيا  آهن، ڪپهه جي پيداوار ۾ 41 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، هلندڙ سال ڪپهه جي پيداوار 49 لک 10 هزار ڳٺڙيون رهي، گذريل سال پيداوار 83 لک 30 هزار ڳٺڙيون هئي، هلندڙ سال دوران چانورن جي پيداوار ۾ 21.5 سيڪڙو گهٽ پيداوار 73 لک 30 هزار ٽن رهي، گذريل سال پيداوار 93 لک 20 هزار ٽن هئي، ڪڻڪ جي پيداوار جو حدف به حاصل نه ٿي سگهيو، هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اضافي سان 2 ڪروڙ 76 لک ميٽرڪ ٽن رهي، گذريل سال ڪڻڪ جي پيداوار 2 ڪروڙ 62 لک ميٽرڪ ٽن هئي، ڪمند جي پيداوار 2.8 سيڪڙو اضافي سان 9 ڪروڙ 11 لک ميٽرڪ ٽن رهي، هلندڙ سال زرعي شعبي جي پيداوار 1.55 سيڪڙو رهي، هلندڙ سال لاءِ زرعي شعبي جو پيداواري هدف 3.9 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو، هلندڙ سال اڪثر معاشي هدف به حاصل نه ٿي سگهيا، معاشي ترقي جو حدف 5 سيڪڙو هو، جنهن مان رڳو  صرف 0.3 سيڪڙو حاصل ٿي سگهيو، صنعتي ترقي جو هدف 5.9 سيڪڙو مقرر هو پر 2.9 سيڪڙو حاصل ٿي سگهيو، زراعت جي ترقي جو هدف 3.9 سيڪڙو هو، جيڪو صرف 1.55 سيڪڙو حاصل ٿي سگهيو، خدمتن جي شعبي جي ترقي جو  هدف 5.1 سيڪڙو هو پر صرف 0.8 سيڪڙو حاصل ٿي سگهيو، وڏين صنعتن ۾ معاشي ترقي جو حدف 7.4 سيڪڙو مقرر ڪيل هو پر  ان جي مقابلي ۾ وڏين صنعتن جي ترقي جو هدف منفي 7.9 سيڪڙو رهيو، ٻيلن جي ترقي جو هدف 4.5 سيڪڙو پر ان جي مقابلي ۾ 3.9 سيڪڙو هدف حاصل ٿي سگهيو، لائيو اسٽاڪ جي ترقي جي شرح 3.7 سيڪڙو رهي، ماهيگري جي ترقي جي شرح 1.4 سيڪڙو رهي، معدنيات جي شعبي جي ترقي جي شرح ڪاٽو 4.4 رهي، مينوفيڪچرنگ جي  ترقي جي شرح منفي 3.9 رهي،  بجلي پيداوار ۾ 6 سيڪڙو اضافو ٿيو، تعميرات جي شعبي جي جي ترقي منفي 5.5 سيڪڙو رهي.