ممبئي (شوبز نيوز)ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما کي هڪ ڌمڪي جوڳي اي ميل ملي آهي جنهن ۾ کيس قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. ڪپل شرما کان اڳ اداڪار راجپال يادو، سگنڌا مشرا ۽ ڪوريوگرافر ريمو ڊي سوزا کي به اهڙي قسم جون اي ميلون موڪليون ويون هيون. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪپل شرما جي شڪايت تي امبولي پوليس اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪپل شرما کي ملندڙ اي ميل جي آءِ پي ايڊريس ڏسڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته ڌمڪي جوڳي اي ميل پاڪستان مان موڪلي وئي آهي. رپورٽس موجب، ڄاڻيل فنڪارن کي اي ميل ۾ لکيو ويو آهي ته سندن سمورين سرگرمين تي نظر رکي پئي وڃي ۽ هو ان پيغام کي سنجيدا طور تي وٺن. ميڊيا رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اي ميل موڪليندڙ پنهنجو نالو “بشنو” لکيو جڏهن ته اي ميل آءِ ڊي “ڊان” جي نالي سان ٺاهي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اي ميل ۾ شوبز شخصيتن کان اٺ ڪلاڪن جي اندر جواب طلب ڪيو ويو آهي ۽ جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. واضح رهي ته ڪپل شرما کان اڳ گلوڪرا سگنڌا مشرا ۽ ڪوريوگرافر ريمو ڊي سوزا به اهڙي قسم جي ايم ميل ملڻ کانپوءِ شڪايت داخل ڪرائي هئي. اداڪار راجپال يادو کي گذريل سال ڊسمبر جي وچ ڌران اي ميل ملي هئي، جنهن بعد هن به پوليس کي معاملي بابت آگاهه ڪيو هو. پوليس طرفان شوبز شخصيتن کي ڌمڪين واري معاملي تي جاچ جاري آهي.