ممبئي(شوبز نيوز) ڪپل شرما وزن گهٽائي ڇڏيو، سندس نئين لُڪ سندس مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو ڀارت جي مشهور ڪاميڊين ۽ اداڪار ڪپل شرما وزن گهٽائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. رپورٽن موجب، ڪپل شرما تمام گهڻو وزن گهٽائي ڇڏيو آهي. ڪپل شرما جي ممبئي ايئرپورٽ تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو ٽي شرٽ ۾ نظر اچي رهيو آهي. ممبئي ايئرپورٽ تان ڪپل شرما جي وڊيو ڏسي مداح به حيران ٿي ويا ۽ ڪجهه ماڻهن خدشن جو اظهار ڪيو. رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ڪپل شرما اڪشي ڪمار جي فٽنيس کان متاثر ٿيڻ کان پوءِ جم وڃڻ شروع ڪيو ۽ هو هر صبح سوير اٿي جم وڃڻ لاءِ ويندو آهي.