ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان هڪ ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچ پڪڙڻ جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. آسٽريليا خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ محمد رضوان ڇهه ڪيچ پڪڙيا، رضوان جيڪڏهن ايڊم زيمپا جو ڪيچ نه ڇڏي ها ته ورلڊ رڪارڊ ٺاهي پئي سگهيو. ان کان اڳ ايڊم گلڪرسٽ، مارڪ بائوچر، ايلڪ اسٽيورٽ، ميٽ پرائير، جوز بٽلر، سرفراز احمد، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ، ميٿيو ڪراس به هڪ ميچ ۾ ڇهه ڪيچ ڪري چڪا آهن. واضح رهي ته پاڪستان ٻي ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي نوَ وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز هڪ، هڪ تان برابر ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان ستن ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ آسٽريليا کي آسٽريليا ۾ ڪنهن ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏني آهي. پاڪستان آخري ڀيرو هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ آسٽريليا کي سال 2017 ۾ مات ڏني هئي.