لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي جي نئين ڪپتان شاهين آفريدي قيادت ملڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ مداحن جا ٿورا مڃيا آهن.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهين آفريديءَ لکيو ته ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت منهنجي لاءِ فخر جو سبب آهي، تمام گهڻو پرجوش آهيان ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ مداحن جي اعتماد ۽ حمايت تي ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ٽيم اسپرٽ کي برقرار رکڻ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس، اسان جي ڪاميابي اتحاد، اعتماد ۽ اڻٿڪ محنت ۾ آهي.
شاهين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته اسان صرف هڪ ٽيم نه پر هڪ خاندان جيان آهيون، اسان سڀ گڏجي اڳتي وڌنداسين. ٽيم کي نمبر ون بڻائيندس.