ملير (رپورٽ: ناز شر ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪٺ پتليون ٺاهڻ جا تجربا هلي نه سگهندا، اهي تجربا هاڻ بند ٿيڻ گهرجن، عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي، عوام پ پ، نواز ليگ يا پي ٽي آءِ کي ووٽ ئي ڪامياب ڪري ٿو  ته  انهن کي قبول ڪرڻو پوندو، پ پ اڄ به 90 ۽ 60 ڏينهن ۾ چونڊن لاءِ تيار آهي، اسان ته پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن لاءِ به تيار هئاسين. اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن فوري طور تي عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائيندي، سياسي قيادت ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿي، پيپلزپارٽي خلاف پروپيگنڊا اڄ جي ناهي، بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي به ڪردارڪشي ڪئي وئي، آصف زرداري سڀني کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهي حالتن جو مقابلو ڪيو، اڄ جيل ڪاٽيندڙ سياستدانن  کي گهٻرائڻ نه گهرجي، جيل ۾ تربيت ٿيندي آهي، هاڻ اوهان کي سياستدان ٺاهيو پيو وڃي، اهو ملڪ لاءِ ضروري آهي، ڪالهه اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، ڪراچي جي  ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ وقار مهدي سان گڏ ملير پهچي اڳوڻي ايم اين اي ۽ پيپلزپارٽي ملير جي اڳوڻي صدر شير محمد بلوچ جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شير محمد بلوچ جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو هن چيو ته اسانجي ڪنهن سان سياسي مخالفت يا دشمني ناهي اسان جو مقابلو غربت ۽ مهانگائي سان آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته عوام کي فائدو ملي، پيپلزپارٽي جو مطالبو آهي ته اليڪشن جلد ڪرائي  وڃي، سياسي قيادت ۽ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪندي،  بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته جن جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪيو، انهن کي به سبق سيکاريو ويندو، هن چيو ته پيپلزپارٽي 60 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي حق ۾ آهي، چونڊن کان اهي ڀڄندا آهن، جيڪي سمجهندا ته اسين نه کٽي سگهنداسين، عوام کي فيصلي ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي، جيڪڏهن عوام نوازشريف يا شهباز شريف کي چونڊي  ٿو ته اسان قبول ڪنداسين. هن چيو ته پيپلزپارٽي عوام جي نمائندگي ڪري ٿي، عوام جي مسئلن جو حل ڪنهن ٻئي وٽ نه پر صرف پيپلزپارٽي وٽ ئي آهي هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن سنڌ سان ٻٽي پاليسي ڇو اختيار ڪئي آهي؟  چونڊ شيڊيول کان اڳ رڳو سنڌ ۾ ترقياتي فنڊن تي پابندي ڇو هنئي وئي آهي؟ بدليون به رڳو سنڌ ۾ پيون ٿين، رڳو سنڌ سان ئي  ناانصافي ڇو پئي ٿئي؟  هن چيو ته سنڌ ۾ برسات متاثرين جا گهر اڏڻ لاءِ روڪيل فنڊ جاري ڪيا وڃن،  اهي فنڊ روڪڻ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته جيڪي سمجهن ٿا ته نيب جون ڪوڙون خبرون هلائي اسان کي ڊيڄاريو ويندو، اهي ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهن،  اسان عدالتن جو اڳ ۾ به احترام ڪيو آهي هاڻ به جيڪڏهن ڪيس ٿيا ته انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون،