ڪُنري جي پٺاڻ ڪالوني مان نينگري جي مبينا اغوا جو ڪيس داخل

0
210

ڪنري (ن پ ا) ڪُنري جي پٺاڻ ڪالوني مان نينگري عالما چانڊيو جي مبينا اغوا جو ڪيس داخل، نينگر جي والد جي فرياد داخل ڪيس ۾ 4 جوابدار نامزد، ڪنري پوليس هڪ عورت سوڌو ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار نينگري کي ڪار ۾ کنڀي اغوا ڪري ويا هئا، نينگري کي بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ عورت صغريٰ ڀٽي ۽ بشير شيخ شامل، کانئن پُڇاڳاڇا جاري آھي.