حيدرآباد ۾ گذريل ڏينهن ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب زخمي ٿيل 3 ٻارڙن مان هڪ جي پيءُ صدمي ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي
جوڻيجا ڪالوني ۾ ڪتن جي ڏاڙهيل زخمي نينگر جي والد صدمي ۾ دم ڏنو، جنهن جو مڙهه اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
گذريل ڏينهن 6 ورهين جي اسد، 5ورهين جي مسينا ڌيءَ قاسم پٺاڻ ۽ 4ورهين جي مروا پٺاڻ کي ڪتن ڏاڙهيو هو
پوليس موجب عبدالله بنگالي پٽ اسد کي زخمي حالت ۾ ڏسڻ بعد صدمي ۾ بيهوش ٿيو هو جيڪو اڄ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو