حسن درس چيو هو: “وڏا وڻ ڳوٺ تنهنجي جا”
منهنجو هڪ نظم آ هي:
۽ وڻن وڏن هيٺان هو جيڪي هيون قبرون
تون اتي ويو هوندين
هٿ ڪي کنيا هوندءِ
قل ڪي پڙهيا هوندءِ
لڙڪ ڪي لڙيا هوندءِ
اهو حسن درس جي ڳوٺ مشائخ، جتي حسن پاڻ جنت مقام آهي، کان وٺي هر ڳوٺ ۾ وڏا وڻ هئا. اتي مقام به هئا ۽ مقامن ۾ وڻن هيٺان قبرون به هيون.
ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي دوست اعزازي سنڌي- پنجابي دانشور منظور اعجاز جي تدفين ۾ شرڪت ڪاڻ آمريڪي رياست ورجينيا جي هڪڙي قبرستان ۾ منهنجو وڃڻ ٿيو هو. قبرستان ۾ نيڻ نهار تائين چهچ ساوا لانز ۽ گهاٽا ڊگها وڻ ڏسي دل چيو آمريڪا ۾ موت به ڪيترو نه خوبصورت آهي .هڪڙي تازن گلابن سان ڍڪيل قبر مٿان ٽن ڪارا ويس اوڍيل نينگرين جو ويٺل ڏسڻ به ڏکوئيندڙ ۽ علامتي به لڳم. پر وري ٻئي پاسي ڏٺم ته هتي نه ڪلهي ڪانڌي، نه مڙهه قبر ۾ لاهڻ وارا، نه وري قبر ۾ لاهڻ وارا پيارا پنهنجا، بس اهو ڪم فيونرل آفيس يا تدفين گهر واري انتظاميا جي ٽارزن ٽائيپ ڪارڪنن پئي ڪيو. ڪرين ۽ بيلچن سان ته آمريڪا ۾ مرڻ تان ارواح ئي کڄيو وڃي. آمريڪا ۾ مرڻ تي به ٽئڪس آهي، جنهنکي “ڊيٿ ٽئڪس” چون. دفن ڪفن جو خرچ ڪو پنڌرنهن کان ويهه هزار ڊالر ٿيو وڃي.
ڪئين سال اڳ هڪ آمريڪي ناول “چائلڊ آف ٽوئينٽيٿ سينچري” ڪٿي پڙهيو هوم. هر ماڻهو خوبصورتي سان مرڻ چاهيندو آهي، ڀل پوءِ هو ڪيترن به ڏکن ڏوجهرن ۾ جيئندو رهيو هجي. پر سنڌ ۾ مرڻ خوبصورت آهي، جو مڪي مديني ۾ نه، ماڻهو پنهنجي ميت سنڌ جي ڌرتي ۾ دفن ٿيڻ چاهيندا. جيئن ٿر جي ٿڌڙي واريءَ ۾ صادق فقير دفن ٿيل آهي. منهنجي هڪڙي ٿري دوست چيو: “سيد جو فڪر ٿر به پهتو”.
تنهنجي مِٽيءَ منجهه ملان جي آئون امرتا پايان
منهنجي هڪ اردو نظم جون سِٽون آهن:
میرے پرکھوں کی قبروں پہ اتری ہوئی چاندنی
بین کرتی ہوئی چاندنی
يا جيئن ڪنهن لکيو:
رات جو مقامن ۾ تون ڪڏهن ويو آهين
تو اتي ڏٺو آهي چانڊوڪي کي روئندي
جي ها. مون ڏٺو آهي. جڏهن قبرن مٿان ڇانءَ بڻيل وڻ وڍجي وڃن.
نوشهري فيروز شهر کان فقط ٻه ميل پري ٺارو شاه روڊ ٿي وسطڙن جو ڳوٺ آهي. ڳوٺ ۾ ڇهه مهينا اڳ اتي به ناياب کٻڙن جي وڻن وارو قبرستان هو. قبرستان اڃان به آهي، جتي اوتريون ئي ٻه سئو سال پراڻيون قبرون به آهن پر اتي اهي وڏا وڻ جيڪي اڃا ڇهه مهينا اڳ تائين به انهن قبرن مٿان ڇانوَ ڪيو بيٺا هئا، هاڻ وڍيا آهن. هنن جو ٽاريون ٽاريون، ڪاٺ، ٿڙ بيٺا آهن، باقي وڻن کي باهيون ڏنيون ويون. اهي کٻڙ جا وڻ ٻه سئو سال پراڻا هئا. انهن ماڻهن ڪاڻ جن جا وڏڙا ۽ پيارا انهن وڻ هيٺان دفن هئا، تن لاءِ ڄڻ ٻيهر تازا مئا آهن. بلڪه هو پاڻ مري ويا آهن. ڪيڏو نه سچ چيو هو منهنجي يار حسن درس: هو وڻ، پکي، مارن پيا
انهن ٻه سئو سالن پراڻن وڻن هيٺان ڪيتريون قبرون به ٻه سئو سال پراڻيون آهن. معنا ٻين لفظن ۾ ٻه سئو ساله قديم انسان ۽ سنڌ جو ورثو به بي درديءَ سان ساڙيو ماريو ويو. هاڻ اهڙن قديم وڻن جا قديم قبرن مٿان رڳو بچيل ٿڙ انهيءَ عظيم واردات جون بچي ويل شاهديون آهن. واردات مٿان ٻي واردات وري اها ته قبرستان جي وڻن جي واڍي ڪري چئوديواري غير قانوني ڏياري ويئي آهي.
مون اهو سڀ ڪجهه نوشهري فيروز جي قديم واسي ڊاڪٽر ۽ سماجي انجنيئر ڊاڪٽر قدير ميمڻ کان پڇيو. منهنجي دوست ڊاڪٽر قدير ميمڻ جي ورندي هن ريت هئي:
“اسان وٽ جيڪي قبرستان سنڀالڻا آهن، اهي ميونسپل کي ۽ لوڪل گورنمينٽ کي، ٽائون، لوڪل ڪائونسل جنهن جي ذميواري آهي. هتي اسان وٽ سنڌ ۾ نوشهري سميت جتي مان ويٺو آهيان، خبر ئي ڪانهي ته هي هنن کي سنڀالڻو آهي. اهي سنڀالين نه ٿا ۽ نه انهن کي بائونڊري وال ٿا ڏين، نه ماڻهو مقرر ڪن ٿا، نه وري ڪو قبرن جو حساب ڪتاب آهي. جنهنکي جيئن آيو، کوٽي ويو، کڻي ويو. ڪاغذن ۾ لکيل آهي ته هي قبرستان آهي، هي ايريا آهي. اتي قبضا پيا ٿين، گهر ٺهي ويا آهن. مڪان جي نالي ٿي الائجي ڇا ڇا پيو ٿئي. قبرن کي مٽائي عبادتگاهون ٺاهي ڇڏيون اٿن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڳورڙ صاحب جا ڊپٽي ڪمشنرن کي قبرستانن تان قبضا ختم ڪرائڻ جا حڪم موجود آهن. اهو پڻ حڪم آهي ته، قبرستانن کي بائونڊري وال ڏيو. اهي ته نه ٿا ڪن پر اسان سوسائٽي يا سماج، جيڪو آهيون، معاملو ڪورٽ ۾ نه ٿا کڻي وڃون. نه ڪو انتظاميا اها ذميواري سمجهي ٿي ته، اها بجيٽ به انهن کي اتي خرچ ڪرڻي آهي. سوسائٽي طور اسان جتي قبرستان ويندا آهيون، جيڪا اسانجي ايريا هوندي آهي، جتي جڳهه ملندي آهي، اتي دفن ڪري ايندا آهيون. وري مئلن کي ڪير ساريندو آهي. قبرستان تي ماڻهو وري عيد جي ڏينهن ويندا آهن، ڪجهه وڃن ته ڪجهه ڪين وڃن. قبرون پيون آهن. ڪٿي ميونسپل جي گٽرن ۾ ٻڏا پيا آهن هي قبرستان. ڪڏهن وري اها پوزيشن ٿيندي جو تدفين لاءِ پنهنجي خانگي زمين وٺڻي پوندي الڳ ڪميونٽي کي يا ماڻهوءَ کي. قبرستان ۾ ڇڏي ڦٽي ٿا ڪري وڃن. اتي ريڪارڊ به نه ٿا رکن. اتي پئسن سان سڄو سلسلو آهي. قبر ڪنهنجي آهي، جنهن ماڻهوءَ کي پورجي ٿو، انجو ڪو به ريڪارڊ ڪونهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ته کڻي هجي، باقي اسان جهڙن علائقن ۾ ڪونهي. لڳي ٿو ته سڀاڻي اسان به اتي مدفون ٿي وڃون، اچي ڪو قبضي خور ڊاهي ڇڏي. ٺاهي گهر جو باٿ روم يا بورچيخانو …. ڪهڙو حشر ٿيندو، ڪير سنڀاليندو. جيڪي نقل مڪاني ڪري ويندا، جيڪي ڪراچي، حيدرآباد، لنڊن، آمريڪا هليا، ويندا، سي ڪهڙا پويان قبرون سنڀاليندا. مٽيءَ ۾ مٽي ڀلي ٿي وڃن، پر تقدس قبرستان جو بحال رکڻ ضروري آهي. اهو ڪير ڪونه ٿو رکي. ميونسپل ۾ ڪو ريڪارڊ وغيره ڪونهي ڪو. لڳي ٿو ته اسان کي هاڻ مڙدا سمنڊ ۾ لوڙهڻا پوندا. اها بي حسي، بيوسي… ڪو به قانون ڪونهي. انهيءَ ڪري پوءِ جنهنکي جيڪو وڻي، قبرستان ان جي ملڪيت آهي”.
مون جڏهن وسطڙن جي نوشهري فيروز ۾ انهيءَ ٻه سئو ساله پراڻي قبرستان ۾ ايترن ئي پراڻن وڻن جي واڍي ۽ اتي چئوديواري وارين رپورٽن جي وڌيڪ جاچ ڪئي ته سوشل ميڊيا تي هڪ شهري شخص محمد حنيف سماجي ورڪر جي نالي فيس بوڪ اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ هن ريت ملي:
“ته مون وڻ وڍايا، اهو ڪو ڏوهه ناهي. مون ته وڻ وڍي ڪاٺ کپايو آهي ۽ چئوديواري ڏياري قبرستان کي ترقي وٺرائي آهي”.
مون پنهنجي دوست ۽ سنڌ ٻيلا بچايو ڪميٽي جي صدر زين دائودپوٽي، جنهن جو ڪم سنڌ ۾ بي ريا ٻيلا ۽ سرڪاري توڻي پبلڪ وڻڪاري بچائڻ آهي، کي نوشهري فيروز جي وسطڙن واري ان قبرستان ۾ قديم وڻن جي واڍي بابت مليل ڄاڻ ونڊ ڪئي ته هن پڻ پنهنجي ٻيلا بچايو ڪميٽي جي سندس مقامي ساٿين جي حوالي سان ان جي تصديق ڪئي ته نوشهري فيروز جو ٻچو ٻچو ان شخص هٿان ٻه سئو سال هن قديم قبرستان ۾ ايترن قديم وڻن جي واڍي جي تصديق ڪري ٿو.
مان چوان ٿو ته سنڌ جي شهرن، ڳوٺن، وستين، واهڻن کي ڏاڍن مڙسن ۽ وانٺن هٿان قبرستانن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي پر گهٽ ۾ گهٽ قبرستانن کي ته ترقي جي نالي ۾ بي ڇانوَ نه ڪريو.