ڪَويتا جي ڪھاڻي!

0
11
ڪَويتا جي ڪھاڻي!

    ڪويتا شعر گوئي به آھي ته ھندي ۾ هڪ رچنا به آھي، پر هي ڪويتا انهن ٻئي دردن، پيڙائن ۽ تخيلن جي سنسار جي سينگاريل ڪنوار کان بلڪل انوکي، منفرد ۽ مختلف آھي. ھي ڪويتا هڪ زنده دل ڪردار ۽ شعور جي انهي گهوڙي تي چڙھيل ھڪ اهڙي سوار ۽ عظيم ناري آھي، جنهن گهوڙي جو لغام هن بي حس، ظالم ۽ بدبودار سماج جي هٿن ۾ رقص ڪري رھيو آھي! هي اهڙو ته نسورو درد آھي، هي اهڙو ته سچو ڏُک آھي، هي اهڙي ته وائکي ٿيل پيڙاءَ آھي، جنهن پيڙاءَ جا ملم ايجاد ئي ناهن ٿيا.ڪويتا سنڌ جي سرسبز ٻني ٻاري، باغن ۽ معدنيات وسيلن سان مالا مال، بهار جي رت جهڙي خمير جي ڀرسان هڪ اداس ۽ ڍٺل جهوپڙي، جنهن ۾ خاموش ھوائون هن جي ويجهو ٿي هن کي اورانگهي، هن جي اندر جو سنيهو کڻي ڏُور پولارن ۾ ڀٽڪائين ٿيون! هي  انهي جهوپڙي ۾ ويهي پنهنجي ٻچن جي مستقبل، سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل بابت ويچار ورجائيندي رھي ٿي.

ڪويتا جي والد سماج جي بُرين نظرن ۽ سخت محنت ڪري هن کي اسڪولي تعليم ڏياري مئٽرڪ تائين پڙھايو. هڪ پورهيت لاءِ مئٽرڪ ڪنهن ايم فل پي ايڇ ڊي کان گهٽ ڪونهي. سڄي عمر نياڻي پنهنجي والد جي گهر نه ٿي رهي سگهي، ڪويتا به نيٺ پنهنجو روشن گهر اونداھه جي چوگرد ڦٽو ڪري ڇڏيو! “هڪ پڙھي لکي ڇوڪري لاءِ هن سماج ۾ جيئڻ ڏُکيو آھي” ڇاڪاڻ جو هڪ اهڙو سماج جتي تعليم پرائڻ جا معيار ۽ ماپا ڪنهن مخصوص ۽ محدود جنس جي سُپردگي  هجي، اتي مڊل ڪلاس کان به هيٺ جي فرد لاءِ تمام ڏُکيو آھي. ڪويتا به انهن سمورن دردناڪ لمحن کان گذري پاڻ کي به پاڻ هڪ بُردبار طور ثابت ڪري ڇڏيو.

غريب ماڻھو جي زندگي جا رنگ ڍنگ ڪھڙا ۽ سندس منهن مهانڊا ڪهڙا ٿيندا آھن؟ غربت ڇا ٿيندي آھي؟ هي سوال اهڙا آھن جن تي سوچ ويچار ڪرڻ وارن ۾ گهڻو حلقو ئي غريب ماڻھن جو آھي! ڇاڪاڻ جو معاشي طور گهوٽ بڻيل ماڻھو کي غُربت بابت ڪهڙي سوچ. غريب ماڻھو امير ماڻھو جي زندگي بابت ضرور سوچي ٿو! “غربت هڪ اهڙو زيور آھي، جيڪو پاتل به هوندو آھي ته حالتون ڪڏھن ڪڏھن ڪنهن فرد کي پارايو به ڇڏين” سُک سندس جنتري جي ڪاڳرن مان ڊھيل ئي هوندا آھن.

ڪويتا کي ٻه ٻار آھن، پر هاڻي هُو سوچي ٿي ته انهن جو جنم نه ٿي ها ته.ٺيڪ هو! هُو اهڙن سوالن بابت لڙندڙ لڙڪن کي روڪي نه ٿي سگهي، هن جا نيڻ سانوڻي جي بُوندن جيئن گهڻي دير تائين وسندا رهن ٿا ۽ ڪڏھن ڪڏھن سمنڊ سمان ٿي پوندا آھن. ڪويتا هڪ اهڙي زندگي، هڪ اهڙي ڪردار، هڪ اهڙي سوچ، هڪ اهڙي عمل ھڪ اهڙي زرخيز خمير ۽ هڪ اهڙي تخليقي صلاحتن طور سگهاري انسان جو نالو آھي، جنهن زندگي جي ويجهو ٿي زندگي جي حسين ۽ خوبصورت مظھرَن کي پسيو به آھي ته تمام گھڻو ان بابت سوچيو ۽ جاچيو به آھي! ھي چوي ٿي ته “ڏُک ئي زندگي جي قديمي، اصلوڪي شڪل ۽ صورت آھن! سُکن ۾ ته زندگي جو احساس ئي خودڪشيون ڪريو ٿا ڇڏين!”

ڪويتا کي زندگي سان محبت به هئي ته نفرت به. هاڻي هي محبت ۽ نفرت جي خلا ۾ اٽڪي ۽ ڦٿڪي رهي آھي جنهن خلا جي ڳالهھ لطيف سائين پنهنجي  ٻولي ۾ ڪئي ته “مونکي چاڙھي چيئن” جي منزل تي آھي. ڏُک سندس جيئڻ جو سامان ٿي پيا آھن، ڏُک ئي جيئڻ جا جتن پيو سيکاري! هن مھانگائي جو دور ۾ ڪويتا جهڙيون انيڪ زندگيون دربدري جو شڪار آھن. اُھي پنهنجن ٻارن جي معصوم مسڪراهٽ خاطر ڏينهن جو سخت پورهيا ڪري شام جي سرد هوائن ۾ گهر جي دڪانن تي پهچن ٿيون ته سڄي ڏينهن جي مشقت رڳ رڳ ۾ زندگي جيئڻ جي ڪينواس تي مذاق ڪندي نظر اچي ٿي! سڄي ڏينهن ۾ هڪ پوهيت ڇھه سئو ڪمائي سگهندو آھي، ڇھن سوئن ۾ ڇا ملي سگهندو!؟ ڪويتا ٻڌائي ٿي ته رات مون ڊالڊا جو جڏھن اگھه ٻڌو ته منهنجو اندر جهُري پيو هو! منهنجي پلئه ۾ اُھي ڳرا پئسا نه هئا جنهن سان خريد ڪري سگهان. مون رات پنهنجي معصوم گلن کي نسوري پاڻي سان آلو پچائي کارايا ھئا.

مهانگائي جي دور ۾ موت سستو بنجي چڪو آھي، موت جا اگھه حڪومت طئي ڪري ڇڏيا آھن. غربت انگن اکرن مان ڳڻي به نه ٿي سگهجي. هنن ڏينهن ۾ اخبارن جي ڪاڳرن ۾ خودڪشين جا احوال وڌندا وڃن پيا. سامراج طبقو موج مستين ۾ آھي، سامراج طبقي کي خود حڪومتي ڪامورا منٽن ۾ لکين رپيا ڪمائڻ جو موقعو فراھم ڪن ٿا. اُھي غريب ماڻھن جو رت چوسي پنهنجي خراب زندگي بهتر سمجهن پيا. حڪومت جي معاشي آڪسيجن غريب جي رت سان هلي رهي آھي.

ڪويتا جي ڪهاڻي جو داستان ڊگهو ته آهي ئي پر طويل به آھي. هُو موجوده غريبي حال جي صورتحال تي تمام گهري نظر رکي ٿي. هڪ سبب اهو به ته هي پاڻ انهي عذاب مان ڀوڳي رهي آھي. ھُو چوي ٿي اهڙي ڪرپٽ نظام ۾ ووٽ جو استعمال ڪيئن ڪجي. هتي ڪرپٽ ڪامورن جو پورو ٻيڙو لٿل آھي، ڪجھه ڏينهن هتي ترسيل آھن، اليڪشن بعد ٻاهرين ملڪن ۾ پئسو کڻي ويندا هليا. انهن جي ڪرپشن جا پئسا هتي اسان کي ادا ڪرڻا پون ٿا. اسان پنهنجي اولاد جي حال ۽ مستقبل جي ڳچي کي نپوڙي هنن جا پئسا ادا ڪري ڏيندا آھيون.

افسوس آھي هنن تي هي سياسي ڪامورا ٻاهران پڙھي ايندا آھن، ٻاهرين ملڪن جي تعليم ٺڳي ۽ دوکا ته ڪڏھن به نه ٿي سيکاري. هي ماڻھو پنهنجي ضمير سان زيادتي ڪندا آھن!

آخر ۾ ڪويتا اداس ٿيندي اهو چيو ته مهانگائي ڪارڻ غريب پورهيت جي زندگي انتهائي ڏُکي بنجي چڪي آھي! مون به رات کان ٻه ڀيرا اهو سوچيو ته ڇو نه پنهنجي ٻارن ۽ پاڻ کي موت جي ننڊ سمهاريان!!! مون سميت اهڙيون خودڪشيون هنن جاهل، ڪرپٽ، مفلوج ٿيل نظام ۽ ماڻھن جي منهن تي زوردار چماٽ ھوندي ۽ اسان پاران جاهلانا ۽ بي حس سماج  اڳيان اڪيلي وجودن جو احتجاج پڻ ھوندو. اهي سڀ شيون برداشت ڪرڻ ڏُکيون آھن، پر آئون اهو سوچي ٻارن کي پڙھايان پئي ته هنن ٺڳن ۽ ڪرپٽ ماڻھن سامهون نيٺ ته پاڻ کي اچڻو آھي نه منهنجا حوصلا حياتي جي دڪان جي ساهمي ۾ گروي رکيل آھن، جڏھن زندگي جو پلڙو هيٺ ٿيو تڏھن هڪ سوچ ۽ فڪر جو تسلسل ٽٽندو.ڪويتا جون کوڙ ڳالهيون لکڻ کان قاصر آھيون، هُو مسلسل جيئڻ ۽ اتساهڻ جي ڌڙڪندڙ زنده دل آھي. لطيف سائين جي هي سٽ ڪيڏي نه سونهين ٿي اهڙن عظيم ڪردارن تي لکڻ وقت ته“ڪِينهي منجهه ڪَپارَ، لَڄيندو ٿو لاهِيان”.