ملير (رپورٽ: ناز شر) ڪينجهر کان ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ ڪرڻ وارو منصوبو ڪي 4 هڪ ڀيرو ٻيهر چورن جي هٿ چڙهي ويو، سيڪيورٽي عملي پاران پاڪ لينڊ ويجهو ڪارروائي ڪي 4 مان پائيپ ڪٽي چوري ڪيل لوهه، ٽرڪ، موٽر سائيڪل ۽ گئس سلينڊر هٿ، چور فرار ٿي ويا. خبر موجب: 126 ارب روپين جي لاڳت سان ڪينجهر کان ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ ڪرڻ وارو منصوبو ڪي 4 هڪ ڀيرو ٻيهر چورن جي هٿ چڙهي ويو، سيڪيورٽي عملي پاران پاڪ لينڊ ويجهو ڪارروائي ڪري ڪي 4 مان وڏي تعداد ۾ پائيپ ڪٽي چوري ڪري کڻي ويندڙ ٽرڪ تي ڇاپو، سيڪيورٽي پاران چوري ڪري ڪيل ڪٽيل پائيپ، ٽرڪ، موٽر سائيڪل ۽ گئس سليندر هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته موقعي تي لوهه چور فرار ٿي ويا، سيڪيورٽي پاران اسٽيل ٽائون پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن تي پوليس پهچي چوري ٿيل لوهه، ٽرڪ، موٽر سائيڪل ۽ گئس سلينڊر تحويل ۾ وٺي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي منتقل ڪيا، جڏهن ته واقعي جو ڪيس نامعلوم ماڻهن خلاف اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو،
ڊي ايس پي بن قاسم ۽ 2 ايس ايچ اوز معطل ٿيل
ملير: ڪجهه عرصو اڳ ڪي 4 مان چوري جون خبرون ميڊيا تي هلڻ بعد آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي بن قاسم ممتاز مگسي، ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون اصغر ڪنگو ۽ بن قاسم جي ايس ايڇ او فرمان شر کي معطل ڪيو ويو هو جن جي معطلي بعد ڪجهه عرصو چوري جو سلسلو بند رهيو پر نئين انتظاميه اچڻ بعد چوري جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي.
لوهه چوري ۾ علائقي جا با اثر ماڻهو به شامل
ملير: ڪينجهر کان ڪراچي پاڻي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ ڪي 4 منصوبو 126 ارب روپين جي ماليت سان قائم ڪيو ويو هو جنهن بعد ان جو نقشو رد ڪري ٻيهر منصوبو شروع ڪيو ويو، رد ڪيل ڪي 4 جي لائين مان گذريل هڪ سال کان چوري جو سلسلو جاري آهي اهڙي چوري ۾ علائقي جي پوليس بااثر ماڻهو لوهه چورن سان ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن،
چور رات جي وقت پائيپ ڪٽي ٽرڪن ذريعي کڻي ڪٻاڙين کي کپائين ٿا: پوليس
ملير: پوليس ذريعن موجب لوهه چورن پاران رات جي وقت وڏا پائيپ ڪٽي ٽرڪن جي ذريعي لوڊ ڪري مختلف ڪٻاڙين کي کپايو ويندو آهي، جڏهن ته علائقي واسين پاران بار بار دانهڻ باوجود سنڌ حڪومت چوري روڪرائڻ لاءِ خاص قدم نه کنيا آهن