ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي ڊي اي ۾ ڀرتين جو معاملو، آءِ بي اي سکر ۽ سيبا طرفان ڪير به پيش نه ٿيو ، عدالت لاڳاپيل ڌرين لاءِ اخبارن ۾ نوٽيس شايع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي ڊي اي ۾ پراڻي ٽيسٽ جي بنياد تي نئين ڀرتين خلاف شھري مزمل جي  درخواست جي ٻڌڻي دوران آءِ بي اي سکر ۽ سيبا طرفان ڪو به پيش نه ٿيو، عدالت لاڳاپيل ڌرين لاءِ اخبارن ۾ نوٽيس شايع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 29 نومبر تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو،