ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن جي بيواهن لاءِ هر مهيني جاري ٿيندڙ 2 ارب 21 ڪروڙ روپين جي پينشن فنڊ مان هر مهيني 66 ڪروڙين رپيا بوگس پينشنرن جي نالي تي هڙپ ڪرڻ جو اسڪينڊل ظاهر، ڊائريڪٽر فنانس معطل، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پينشن فنڊ ۾ ڪروڙين روپين جي گهوٻين وارو معاملو ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪالهه پي اي سي اجلاس ۾ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) ۾ رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن جي بيواهن کي بنا ڪنهن نو ميريج سرٽيفڪيٽ ۽ تصديق جي هر مهيني 2 ارب 21 ڪروڙ رپيا پينشن جي مد ۾ رقم جاري ٿيڻ تي آڊٽ پاران اعتراض اٿاريو ويو، جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته ڪي ڊي اي ۾ پينشنرن کي ھر مهيني پينشن ادا ڪرڻ جو ڪهڙو مڪينيزم آهي؟ بنا تصديق جي پينشن ڇو ادا پئي ٿئي؟ جنهن تي ڪي ڊي اي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪي ڊي اي جو ادارو رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن جي بيواهن کي پينشن ڏيڻ لاءِ هر مهيني 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ٿو، ڪي ڊي اي جي پينشرن کي لاڳاپيل بينڪ هر 6 مهينن ۾ بايو ميٽرڪ تصديق کانپوءِ پينشن ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندي آهي، ڪي ڊي اي ۾ 500 بوگس پينشنر ثابت ٿيا آهن جن جي پينشن بند ڪئي وئي آهي. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته جڏهن بينڪ بايو ميٽرڪ ذريعي پينشن ڏئي ٿي ته پوءِ 500 بوگس پينشرن جي نالي تي ڪروڙين رپيا ڪيئن ڪڍرايا ويا؟ پي اي سي بوگس پينشرن جي نالي تي 66 ڪروڙ 70 لک رپيا ڪڍرائڻ تان ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر فنانس سهيل باسط کي معطل ڪرڻ ۽ مامري جي جاچ ايف آءِ اي کي سونپن جو حڪم ڏنو، اجلاس ۾ ڪي ڊي اي پاران پارڪنگ پلازا جو ٺيڪو آڪشن ڪرائڻ بدران اداري جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر کي 15 لک ماهوار تي ڏيڻ جو مڪاني ادارن واري ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پي اي سيءَ ڪي ڊي اي جي دڪانن، آفيسن، فليٽن ۽ هائوسنگ اسڪيمن جي مسواڙ ۽ بجليءَ بلن جون 20 ڪروڙ روپين جون رهتون وصولي جي هدايت ڪئي.