ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ )سنڌ هاءِ ڪورٽ حددخليون ھٽائڻ ۾ ناڪامي تي ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر لينڊ کي ڇنڊ پٽيندي چيو آهي ته ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي هڪ غير ضروري، بيڪار ۽ ڪم چور ادارو آهي، جيڪڏهن اسان عدالتي حڪمن تي عمل ڪرايو ته اوھان درخواستگذار جي گهر وڃي کيس پلاٽ ڏئي ايندا، ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي هڪ غير ضروري، بيڪار ۽ ڪم چور ادارو آهي، هڪ ته ھو پنهنجي ذميواري پوري نه ٿو ڪري، ٻيو ته عدالت ڪو حڪم ڏئي ٿي ته ان تي عمل به نٿو ڪيو ٿو وڃي، حددخلين جي اجازت به ڪي ڊي اي وارا ڏين، ھاڻي جڏھن عدالت حڪم ڏئي ٿي ته حددخليون ختم نٿيون ڪيون وڃن، اسان  بار بار چئي رهيا آھيون ته عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو وڃي پر ڪو ريسپانس ( موٽ ) ناھي، جيڪڏهن اسان عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائڻ شروع ڪيو ته توھان درخواست گذار جي گهر وڃي پلاٽ ڏئي ايندا، ڪي ڊي اي قانون موجب پنهنجي ذميواري پوري نه ڪري رهي آهي، جسٽس نديم اختر ڊائريڪٽر لينڊ کي ڇنڊ پٽيندي  ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي جسٽس عبدالرحمان ڊائريڪٽر لينڊ کان پڇاڻو ڪيو ته سوڪ سينٽر ۾ توهان جي آفيس ڪهڙي ماڙ تي آهي؟ جنهن تي ڊائريڪٽر لينڊ جواب ڏنو ته ڪي ڊي اي آفيس ٽئين ماڙ تي آهي، عدالت چيو ته ساڳئي ئي عمارت جي ساڳئي فلور تي اينٽي انڪروچمينٽ وارن جي آفيس آهي،  پوءِ  حددخليون ختم ڇو نٿا ڪرايو؟  اھي ڪيئن ٿا چون ته حددخلين خلاف ڪارروائي نه ٿي ٿئي؟ اسان آخري الٽيميٽم ڏئي رهيا آهيون، درخواستگذار کي متبادل پلاٽ فراهم ڪيو وڃي يا قبضو ختم ڪرايو وڃي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪي ڊي اي جي ڊي جي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، وڪيل جو موقف ھو ته درخواستگذار فيض محمد لاشاري 1991ع ۾ گلستان جوهر جي بلاڪ 40 ۾ پلاٽ نمبر A2 ۽ A3 خريد ڪيا هئا، هاڻ  پلاٽن تي لينڊ مافيا قبضو ڪري ورتو آھي، پلاٽ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي يا متبادل پلاٽ ڏنو وڃي.