پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ پوليو ٽيم تي دهشتگردن جي فائرنگ سبب هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. باڙا ٿاڻي جي علائقي نالا ۾ دهشتگردن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. عملدارن جو چوڻ آهي ته پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد به مارجي ويو آهي. پوليس علائقي کي گھيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪري ڏني.