پشاور(م ڊ) خيبرپختون خوا ۾ پوليس طاقتور اداري جي مقرري خلاف احتجاج ڪندي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويا آهن. هڪ پوليس اهلڪار کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. آءِ جي ڪي پي چيو آهي ته پوليس ۽ فوج جو سهڪار جاري رهيو مليل اطلاعن موجب لڪي مروت ۽ ٻين ضلعن ۾ پوليس اهلڪارن احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. جڏهن ته بنون ۾ پوليس ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي. سندن مطالبو آهي ته فوج کي مقرر نه ڪيو وڃي ۽ پوليس کي امن لاءِ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. ٻئي طرف فائرنگ ڪري هڪ پوليس اهلڪار کي قتل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف آءِ جي ڪي پي اختر خان گنڊاپور جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ دهشتگردي خلاف پاڪ فوج ۽ پوليس جو سهڪار جاري رهندو، فوج جي سهڪار کانسواءِ دهشتگردي خلاف ڪاميابي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته شرپسند پوليس ۽ فورسز وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا جن کي ناڪام بڻايو ويندو.