ڪراچي (نمائندن وٽان) ٺري ميرواهه جي ڳوٺ لکمير خان شر واسي فوجي جوان امير حسين شر پٽ غلام سرور شر ڪي پي ڪي ۾ دھشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندي ويڙھ دوران شھيد ٿي ويو وارثن کي اهڙو اطلاع لاڳاپايل يونٽ پاران فون ذريعي ڏنو ويو جڏھن ته شھيد نوجوان امير حسين شر 8 سال اڳ بطور سپاهي پاڪ فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن کي سڀاڻي (اڄ) اباڻي ڳوٺ لکمير خان شر ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. هواڏنهن گمبٽ ڀر سان ڳوٺ فيضل مهر واسي فوجي جوان مختيار شيخ وزيرستان ۾ دهشتگردن سان ويڙه ڪندي شهيد ٿي ويو. شهيد جوان جو سڀاڻي اڄ مڙه اباڻي ڳوٺ فيضل مهر آندو ويندو مڙھ فوجي اعزاز سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو. شهيد فوجي جوان جي شهادت جو اطلاع وارثن کي ملڻ تي گهر ۾ تڏو وڇايو ويو آهي ۽ گهر ۾ ڪهرام متل آهي سندس امڙ ۽ گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا. ٻئي طرف منھڙو ويجهو ڳوٺ سانوڻ خان  ڏاھري واسي 35 سالن جو فوجي جوان غلام مرتضا ڏاھري ولد غلام مصطفي ڏاھري وزيرستان ۾ دھشتگرن سان وڙھندي شھيد ٿي ويو آهي اهڙو اطلاع سندس مائٽن کي ڏنو ويو آهي شهيد ٿيل فوجي نوجوان غلام مرتضا ڏاهري اوڻويھ ايف ايف جو سپاھي ھو جنھن جو مڙھ وزيرستان کان منھڙو لڳ ڳوٺ سانوڻ خان ڏاھري آندو پيو وڃي جتي سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد فوجي اعزاز  سان سندس مڙھ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو. ٻئي طرف ٿر جو فوجي جوان ملڪ دشمنن دستگردن سان وڙهندي ڊيرا اسماعيل خان ۾ شهيد ٿي ويو، ڇاڇرو ڀرسان ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ رڙاڪر جو رهواسي حوالدار محمد جميل پٽ عثمان راهمون دستگرد ملڪ دشمنن سان وڙهندي شھادت نوش ڪئي، شهيد جوان 2026 ۾ رٽائرڊ ٿيڻ وارو هو ۽ عمر چاليھ سال هئي،شهيد جوان جو والد پرائمري استاد آهي ۽ شهيد محمد جميل راهمون کي ٻه پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي،شهيد ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇئنجي ويو،شهيد جو مڙهه اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو ويو آهي،جتي آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. هوڏانهن ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل 23 فوجي جوانن ۾ شھدادپور واسي نصير نائچ به شامل آهي سندس مڙھ اڄ فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ شهادت ماڻيندڙ فوجي جوان جي ڀاءُ امام بخش نائچ موجب ڀاءُ نصير 10 سال اڳ آرمي ۾ ڀرتي ٿيو سندس ڏيڍ سال اڳ شادي ٿي کيس ڪوبه اولاد ناهي. هوڏانهن ڊيرا اسماعيل خان ۾ بم ڌماڪي ۾ گهوٽڪي واسي فوجي جوان محمد اسحاق کهاوڙ شهيد ٿي ويو مڙهه رات دير سان گهوٽڪي پهچايو ويو گهوٽڪي جي ڳوٺ صوبدار خان کهاوڙ جو رهواسي فوجي جوان محمد اسحاق کهاوڙ ڊيوٽي تي موجود هو ته ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويو، شهيد ٿي ويل فوجي جوان محمد اسحاق کهاوڙ ڊسمبر سال 2024 ۾ رٽائرڊ ٿيئڻو هو، شهيد ٿي ويل فوجي شادي شده هو، جنهن کي ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻي جي اولاد به هئي.