اسلام آباد: اقتصادي رپورٽ مطابق ملڪ اندر خواندگي جي شرح 60.6 سيڪڙو آھي جڏهن ته ملڪ اندر مردن ۾ 68سيڪڙو خواندگي جي شرح عورتن ۾ رڳو 52 سيڪڙو خواندگي جي شرح آھي، ملڪ ۾ تعليم تي مجموعي پيدوار مان رڳو 0.8 سيڪڙو خرچ ٿيو، ملڪ اندر هن وقت يونيورسٽين جو تعداد 269 آھي جن ۾ سرڪاري 160 ۽ نجي يونيورسٽين جو تعداد 109 آھي.
اسلام آباد: اقتصادي سروي رپورٽ مطابق ملڪ ۾ رهندڙ خواجه سرائن خواندگي جي شرح ۾ نمايان مقام حاصل ٿي رهيو آهي. رپورٽ موجب خواجه سرائن ۾ خواندگي جي شرح 40.15 سيڪڙو آهي، شهري علائقن ۾ خواجه سرائن جي خواندگي جي شرح 42.4 سيڪڙو آهي، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهندڙ 32.94 سيڪڙو خواجه سرا پڙهيل لکيل آهن. خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 44.67 سيڪڙو خواجه سرا پڙهيل لکيل آهن، خيبرپختونخوا جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ خواجه سرائن جي خواندگي جي شرح 39.3 سيڪڙو آهي. خيبرپختونخوا جي شهري علائقن ۾ پڙهيل لکيل خواجه سرائن جي شرح 48.5 سيڪڙو آهي،پنجاب ۾ خواجه سرائن جي خواندگي جي شرح 41.5 سيڪڙو آهي، رپنجاب جي شهري علائقن ۾ 43.4 سيڪڙو خواجه سرا پڙهيل لکيل آهن. پنجاب جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ خواجه سرائن جي خواندگي جي شرح 34.5 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ خواجه سرائن جي پڙهيل لکيل هجڻ جي شرح 37.5 سيڪڙو آهي،سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 27 سيڪڙو خواجه سرا پڙهيل لکيل آهن، سنڌ جي شهري علائقن ۾ خواندگي جي شرح 39.3 سيڪڙو آهي. اهڙي طرح بلوچستان ۾ 25 سيڪڙو خواجه سرا پڙهيل لکيل آهن، بلوچستان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 22 سيڪڙو ۽ شهري علائقن ۾ 29 سيڪڙو خواجه سرا پڙهيل لکيل آهن.