ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊون 21 جولاءِ تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو

0
21
ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊون 21 جولاءِ تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو
ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊون 21 جولاءِ تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ خيبرپختونخوا جي 7 جنرل، 2 عورتن ۽ 2 ٽيڪنوڪريٽ، علماءِ جي سيٽن لاءِ پولنگ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. پولنگ 21 جولاءِ 2025ع تي خيبرپختونخوا اسيمبليءَ ۾ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن 2 اپريل 2024ع تي چاڻايل چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون هيون، ڇاڪاڻ ته اسپيڪر طرفان مخصوص سيٽن تي چونڊيل صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن کان حلف نه وٺڻ ۽ اليڪٽورل ڪاليج نامڪمل هجڻ سبب چونڊون ملتوي ڪيون ويون هيون. ثانيه نشتر جي سينيٽ مان خالي ٿيل سيٽ لاءِ چونڊ پروگرام پڻ جاري ڪيو ويو آهي. پبلڪ نوٽيس 9 جولاءِ 2025ع تي جاري ڪيو ويندو، نامزدگيءَ ڪاغذ 10 ۽ 11 جولاءِ تي جمع ڪرايا ويندا، سندن ڇنڊ ڇاڻ 16 جولاءِ تي ۽ پولنگ 31 جولاءِ تي ٿيندي. مرحوم ساجد مير جي سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي اليڪشن جا مختلف مرحلا جيڪي اليڪٽرول ڪاليج نامڪمل هجڻ سبب ملتوي ٿيا هئا، انهن جو به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ريٽرننگ آفيسر 15 جولاءِ 2025ع تي اميدوارن جي نئين (Revised) فهرست جاري ڪندو، ۽ نامزدگيءَ ڪاغذ 16 جولاءِ 2025ع تائين واپس وٺي سگهجن ٿا. پولنگ 21 جولاءِ 2025ع تي پنجاب اسيمبليءَ ۾ ٿيندي. قومي اسيمبليءَ ۾ خيبرپختونخوا مان مسلم ليگ (ن) جي مخصوص عورتن جي 2 خالي ٿيل سيٽن تي به چونڊ پروگرام جاري ڪيو ويو آهي. پبلڪ نوٽيس 8 جولاءِ 2025ع تي ريٽرننگ آفيسر جاري ڪندو. نامزدگيءَ ڪاغذ 9 ۽ 10 جولاءِ 2025ع تي جمع ڪرايا ويندا، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ 14 جولاءِ تي ٿيندي، ۽ اميدوارن جي آخري فهرست 24 جولاءِ 2025ع تي جاري ڪئي ويندي. مسلم ليگ (ن) جي ترجيحي فهرست (Priority List) مڪمل طور تي استعمال ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري نئين فهرست 10 جولاءِ تائين ريٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائڻ لازمي آهي. اليڪشن ڪميشن 2 جولاءِ 2025ع تي مخصوص سيٽن تي جن قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، انهن جي حلف برداري لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي اسپيڪرن کي خط لکيو ويندو. ته جيئن اهي پنهنجون ذميواريون سنڀالي سگهن ۽ خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهن.