پشاور (م ڊ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جمهوريت ۽ پارلياماني سياست معياري ناهي، هزارين سوال اٿي رهيا آهن، ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي فارم 47 جي جعلي حڪومت آهي. تقريب کي خطاب ڪندي جي يو آءِ سربراهه چيو ته ڪمزورين جي بنياد تي نظام ۽ عقيدي تان هٿ نه ٿو کڻي سگهجي، مضبوطي لاءِ جدوجهد جاري رکڻي آهي، ٻن هفتن کانپوءِ اڄ کان ٻيهر سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن، اسان کي پيغام ڏنو ويندو آهي ته اوهان ڪير ٿيندا آهيو ڪرم مسئلي کي ٿڌو ڪرڻ وارا، اسان وٽ به ٻنهي ڌرين جا وفد آيا هئا، اسان رستو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻئي ڏينهن جهيڙو شروع ٿي ويو، ڪيستائين معاشري کي غلط فهمي جو شڪار ڪندا رهندئو، مولانا فضل الرحمان چيو ته حالتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن، اسان کي حالتن موجب هلڻو پوندو آهي.