سوات(م ڊ) طوفاني برساتن کانپوءِ سوات درياهه ۾ چاڙهه کانپوءِ تيز وهڪرن جي نتيجي ۾ سيالڪوٽ مان آيل سياحن جي هڪ ئي ڪٽنب جا 18 ڀاتي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب، متاثر خاندان سوات گهمڻ لاءِ آيل هو ۽ درياهه جي ڪناري ويهي نيرن ڪري رهيو هو ته اوچتو برسات بعد درياهه ۾ تيز وهڪرو آيو، جيڪو هڙني کي لوڙهي ويو . ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته صبح اٽڪل 8 وڳي اطلاع مليو ته ماڻهو درياهه ۾ ٻڏي ويا آهن، حادثو سوات باءِ پاس واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي سياح درياهه جي ڪناري ويٺل هئا جن کي وهڪري جي شدت جو اندازو نه هو. سندن چوڻ هو ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن دوران 3 ماڻهن کي زندهه بچايو ويو، جڏهن ته 8 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، لاپتا ماڻهن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي.