اسلام آباد/پشاور(بيورورپورٽ+م ڊ) ڪي پي جي علائقي مردان ۾ مبينا طور 6 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ڪي پي حڪومت جو چوڻ آهي ته بيگناهه شهرين کي به ماريو ويو آهي. حڪومت سان ڳالهين بعد مارجي ويلن جي وارثن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. صدر ۽ وزيراعظم دهشتگرد مارڻ تي فورسز جي واکاڻ ڪئي آهي. ڪي پي حڪومت جي ترجمان بيرسٽر سيف مردان جي علائقي ڪاٽلنگ ۾ سيڪورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهرين جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي ڪارروائي واري هنڌ عام شهري به موجود هئا جيڪي به مارجي ويا جنهن تي افسوس آهي. جن ۾ ٻه عورتون هڪ ڇوڪرو ۽ 7مرد شامل آهن. جنهن خلاف وارثن سوات روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج به ڪيو هو جيڪو حڪومت جي ڳالهين بعد ختم ڪيو ويو. ٻئي طرف صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف مردان ۾ 6 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪورٽي فورسز کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته فوج خارجين جا ٺڪاڻا تباهه ڪري ملڪ کي وڏي نقصان کان بچايو. ڪنهن به دهشتگرد کي امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.