بهاولپور(م ڊ) سڄي ملڪ ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن جاري آهي جنهن ۾ بهاولپور ريجن ۾ 29 هزار 767 ڊفالٽرن جا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آهن. ڪي پي ۾ 400 کان وڌيڪ ڪنڊا ڪاٽي 200 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، جهلم ۽ چڪوال ۾ آپريشن ڪيو ويو، ملتان، ڊيره اسماعيل خان، وهاڙي، مظفر ڳڙهه ۽ رحيم يار خان سيمت پنجاب جي 13 ضلعن ۾ 319 بجلي چورن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. صادق آباد ۾ پ پ جي اڳوني ايم پي اي ممتاز علي چانگ جي فارم هائوس تي بجلي جي چوري پڪڙي وئي. 500 ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا.