پشاور/ ڪوئيٽا (م ڊ) ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين  ۾   7خارجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 دهشتگرد ماريا ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، مارجي ويل خارجين وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ به ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب ڪيچ ضلعي ۾ آپريشن دوران هڪ، آواران ۾ آپريشن دوران 2 ۽ ضلعي ڊيرا بگٽي ۾ آپريشن دوران هڪ دهشتگرد ماريو ويو، پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل خارجي دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين جي خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا