شانگلا (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي شانگلا جي علائقي بشام آپگهاتي حملي آور بارود سان ڀريل گاڏي چيني انجنيئرن جي گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ پنج چيني شهرين سيمت 6 ڄڻا مارجي ويا. ڊي آءِ جي مالاڪنڊ موجب، گاڏي اسلام آباد کان ڪوهستان وڃي رهي هئي، چيني انجنيئر اسلام آباد کان داسو ڊيم وڃي رهيا هئا. آپگهاتي حملي ۾ پنج چيني شهرين سميت 6 ڄڻا مارجي ويا، آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويلن ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي. پوليس موجب، دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيني مسافرن جي گاڏي سان ٽڪرائي. واقعي کانپوءِ علائقي کي سيڪيورٽي فورسز گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، سيڪيورٽي فورسز جو بشام ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، شاهراهه قراقرم ۽ ڪوهستان کي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.  ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري بشام ۾ چيني شهرين تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيني شهرين جي موت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر مارجي ويل چيني شهرين جي وارثن ۽ چيني حڪومت سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دشمن قوتون پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ م ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڌماڪي کان ترت پوءِ چيني سفارتخاني پهچي ويو جتي هن چيني سفير سان ملاقات ڪئي. محسن نقوي چيني سفير کي ڌماڪي جا سمورا تفصيل ۽ فوتگين بابت آگاهه ڪيو. وفاقي گهرو وزير واقعي واري هنڌ جاري ريسڪيو آپريشن کان به چيني سفير کي آگاهه ڪيو. ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور شانگالا آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير ڌماڪي جي زخمين ۽ فوري طبي امداد ڏيڻ فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هوڏانهن چيني سفارتخاني بشام حملي جي مذمت ڪندي پاڪستان کان جاچ جو مطالبو ڪيو  آهي. چيني سفارتخاني چيو آهي ته پاڪستاني اختياريون حملي جي مڪمل جاچ ڪرائين، پاڪستان ۾ چيني شهري ۽ ڪمپنيون مقامي سيڪيورٽي صورتحال تي نظر رکن، دهشتگرد حملي ۾ ٻنهي ملڪن جي متاثرن سان افسوس جو اظهار ڪيون ٿا.

ڪوئيٽا (م ڊ)  بلوچستان جي شهر تربت ويجهو نيول ايئر بيس تي گذريل رات دهشتگرد حملي کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو. حملي ۾ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو جڏهن ته 4 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پي اين ايس صديق ايئربيس تربت تي دهشتگردن جو حملي جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو، 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اثاثن جي حفاظت يقيني بڻائيندي سيڪيورٽي فورسز وقت سر اثرائتو جواب ڏئي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي. آءِ ايس پي آر موجب گڏيل ڪليئرنس آپريشن ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ايف سي بلوچستان جو سپاهي نعمان فريد شهادت ماڻي. وزيراعظم محمد شهباز شريف تربت نيول ايئربيس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي سان دهشتگرد جهنم ڀيڙا ٿيا ۽ اسان نقصان کان بچي وياسين. وزيراعظم ميڊيا آفيس جي بيان موجب وزيراعظم چيو ته اسان دهشتگردي کي چٿڻ لاءِ پرعزم آهيون، قوم بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي ۽ کين سلام پيش ڪري ٿي.