پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا ڪابينا ضم ٿيل ضلعن جي پوليس لاءِ 7.6 ارب رپين جون گاڏيون ۽ جديد اوزار خريد ڪرڻ ۽ مستحق ماڻهن لاءِ هڪ ارب 15 ڪروڙ رپين جي عيد پيڪيج سميت ٻين اسڪيمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ڪي پي ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ مستحق ماڻهن کي عيد پيڪيج ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت صوبائي اسيمبلي جي هر تڪ ۾ هڪ هزار مستحق ماڻهن کي 10_10 هزار رپيا ڏنا ويندا. ان پيڪيج تي 1.15 ارب رپين جي لاڳت ايندي. ڪابينا 2050 پوليس شهيدن جي خاندانن کي به 10_10 هزار رپيا ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. ڪابينا سرڪاري کاتن ۾ ڀرتين لاءِ نجي ٽيسٽنگ ايجنسين کان اسڪريننگ ٽيسٽ جي معاملي تي ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا 15 ڏينهن ۾ سرڪاري ٽيسٽنگ ايجنسي جي سگهه وڌائڻ سميت ٻين معاملن تي حمتي سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ ڊجيٽل رائيٽ آف وي پاليسي جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پاڪستان ڊجيٽل سٽي جي قيام لاءِ انفارميشن ٽيڪنالوجي بورڊ ۽ اسپيشل ٽيڪنالوجي زون اٿارٽي جي وچ ۾معاهدي جي به منظوري ڏني وئي. ان کانسواءِ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ۽ ايگزيڪٽو ڪميٽي ميمبر پيڊو جي مقرري لاءِ رولز جي منظوري به ڏني وئي.