اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي سبب اسان کي وڏو معاشي چيلنج مليو، دل تي پٿر رکي تيل قيمتون وڌائڻيون  پيون، امير طبقي تي ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون، اميد آهي ته اهي مشڪل وقت ۾ قوم جو ساٿ ڏيندا، اگر وڌيڪ مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا ته اهي به ڪنداسين، پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ ڪنهن به مشڪل فيصلي ڪرڻ کان نه ڪيٻايو ويندو، اڳوڻي حڪومت جيڪو آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو هو ان جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن ڪري آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ اسان کي جيڪي مشڪلاتون سامهون اچي رهيون آهن اهي سڀني جي سامهون آهن، مشڪل حالتن بعد عوام لاءِ سٺو وقت ضرور ايندو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ وفاقي وزيرن فيصل سبزواري، چوڌري سالڪ حسين،خواجا آصف، اعظم نذير تارڙ، خواجا سعد رفيق، شيري رحمان ۽ ٻين سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين، ناسمجهي ۽ بي انتها ناقص ڪارڪردگي سبب اسان کي تمام وڏو معاشي چيلينج مليو آهي، ان ۾ سڀ کان وڏي ڳالهه دنيا ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون هيون، ان جو آءِ ايم ايف سان تعلق ناهي پر اڳوڻي حڪومت حڪومت مان ويندي ويندي قيمتون گهٽ ڪري ايندڙ حڪومت لاءِ ڄار وڇايو جيڪو 100 سيڪڙو بدنيتي تي ٻڌل هو، کين عوام جي خوشحالي ۽ مسئلن جو درد هجي ها ته ساڍن ٽن سالن جي حڪومت دوران ڪو هڪ مثال ته ڇڏي وڃن ها، جنهن سان اسان اهو چئون ها ته انهن عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو ڪم ڪيو، هن چيو ته دنيا ۾ معاشي صورتحال تمام گهڻي ڳنڀير آهي، عالمي سطح تي تيل، پيٽرول ۽ ٻين شين جون قيمتون تيزي سان وڌي رهيون آهن، مجبوري ۽ دل تي پٿر رکي تيل جون قيمتون وڌائڻيون پيون، اسان ان سبب 7 ڪروڙ ماڻهن لاءِ رليف پيدا ڪيو، 2 هزار ماهوار ڪروڙين ماڻهن کي ڏئي رهيا آهيون، شهباز شريف چيو ته بجيٽ ۾ اسان فيصلو ڪيو ته غريب ماڻهو مٿان آيل بار کي تقسيم ڪيو ويندو، امير ماڻهن تي اسان ٽيڪس لڳائينداسين، مون کي اميد آهي ته ان موقعي تي اهي خوشي سان قوم جو ساٿ ڏيندا ۽ قرباني جو مظاهرو ڪندا ۽ ائين اسان ڪيترائي سئو ارب رپين جي ٽيڪس گڏ ڪنداسين، هن چيو ته اسان تمام گهڻي مشڪل حالتن ۾ هي ذميواري سنڀالي آهي، انشاءَ الله ان ذميواري کي اسان نڀائينداسين، مشڪل فيصلا اسان ڪيا آهن وڌيڪ به مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا ته اسان ڪنداسين ته جيئن هن ملڪ جي معيشت کي سڌاري سگهجي، ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان ڪنهن به قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائينداسين،  عوام لاءِ هنن مشڪل فيصلن کان پوءِ ضرور سٺو وقت ايندو، ان لاءِ اسان ڏينهن رات محنت ڪنداسين، هن چيو ته يقين ڏياريان ٿو ته هي مشڪل وقت ضرور آهي پر سڀ ملي پاڪستان کي هن مشڪل وقت مان ڪڍنداسين ۽ پاڪستان کي سٺي وقت ۾ آڻينداسين.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا 9 سرڪاري ملڪيتون گروي رکي قرض وٺڻ لاءِ سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ، ڪورونا ويڪسين جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ تحت اپيلن جي ٻڌڻي لاءِ واپار جي وزير جي سربراهي ۾ نئين ڪاميٽي  قائم ڪرڻ جي به منظوري، وفاقي ڪابينا بحريا ٽائون جا برطانيا مان 50 ارب رپيا پاڪستان کي واپس نه ملڻ واري عمل ۾ عمران خان خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت، چين کان يوريا ڀاڻ حاصل ڪرڻ وارو عمل تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي تفصيل موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ 9 سرڪاري ملڪيتن کي گروي رکي قرض وٺڻ لاءِ سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ناڻي وزارت جي سفارش تي ڏنل منظوري تحت جي ٽي روڊ، اسلام آباد ايڪسپريس وي، اسپورٽس ڪامپليڪس، مڪران ڪوسٽل هاءِ وي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، انڊس هاءِ وي اين 55، پي ٽي ڊي سي جا سمورا موٽلز، اسلام آباد جو سمورو انفرا اسٽرڪچر  کي گروي رکي قرض وٺڻ لاءِ سڪوڪ بانڊ جاري ڪيا ويندا، وفاقي ڪابينا ڪورونا جي ويڪسين Remdesivir جي قيمت 2308 رپين کان گهٽ ڪري 1892 رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني، جلد وڌيڪ دوائن جون قيمتون به گهٽ ڪرڻ جي سمري پيش ٿيندي، وفاقي ڪابينا جي ايس پي پلس لاءِ لاڳاپيل وزارتن کي مامرا مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته وزيراعظم ملڪ اندر يوريا ڀاڻ جي آبادگارن کي فراهمي هر قيمت تي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته چين کان يوريا ڀاڻ حاصل ڪرڻ جي عمل کي به تيز ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ 2013 جي سيڪشن 21 تحت اپيلن جي ٻڌڻي لاءِ ڪاميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني، ڪاميٽي جو ڪنوينر واپار جو وزير هوندو، صنعت پيداوار، هوابازي ۽ ريلوي وزير ميمبر هوندا.ڪابينا اجلاس کان پوءِ وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ وزيراعظم ايف اي ٽي ايف جي مسئلي حل ٿيڻ تي پرڏيهي بلاول ڀٽو زرداري، مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ سموري ٽيم جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته 2019ع ۾ آرمي چيف به ان حوالي سان جي ايڇ ڪيو ۾ هڪ سيل قائم ڪيو، جنهن به انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، اجلاس کان پوءِ ڪابينا اجلاس جي ٿيل فيصلن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته  اتحادي حڪومت سامهون تمام ڏکي صورتحال آهي، اسان سياست نه پر ملڪ کي ڏسي تمام سخت فيصلا ڪيا، ڪنهن سياسي پارٽي لاءِ اهو سولو ناهي ته تيل جون قيمتون وڌائي، معيشت ۾ استحڪام اچڻ سان مهانگائي به گهٽ ٿيندي، هن چيو ته پاڪستان جو گري مان وائيٽ لسٽ ۾ وڃڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي، آرمي چيف جي نگراني ۾ قائم ڪيل گروپ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته  آءِ ايم ايف جو شرط آهي ته تيل تي سبسڊي نه ڏني وڃي، برطانيا مان بحريا ٽائون جا 50 ارب رپيا پاڪستاني خزاني ۾ نه اچڻ بابت بنيادي ڪردار عمران خان ۽ شهزاد اڪبر آهي، ڪابينا لاڳاپيل ادارن کي ان حوالي سان ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، قمر زمان ڪائرا چيو ته حڪومت تيل ۽ بجلي جي قيمت وڌائڻ جو فيصلو ڪري رهي آهي، هي حڪومت اميرن ۽ انڊسٽريز تي اضافي ٽيڪس لڳائي رهي آهي.