پشاور(م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڪالاباغ ڊيم کي ملڪي مفادن جو منصوبو قرار ڏئي ڇڏيو، پشاور ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته ڪالاباغ ڊيم ملڪي مفاد ۾آهي، هن منصوبي تي سنڌ ۽ بلوچستان جا خدشا ختم ڪرڻ گهرجن، سنڌ ۽ بلوچستان جا خدشا ختم ٿي ويا ته اتفاق راءِ به ٿي ويندو، جيڪڏهن اتفاق راءِ ٿي وڃي ته پوءِ اسيمبلي مان ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، ڪي پي ۾ ڪالاباغ ڊيم منصوبي جي مخالفت اي اين پي ڪندي رهي، اي اين پي جي ڪا به حيثيت ناهي، اها بس هڪ سيٽ واري سياسي جماعت آهي.