پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا حڪومت افعانستان جي دوري لاءِ ٽي او آرز تيار ڪري ورتا، سڌ سماءَ واري وزير بيرسٽر سيف افغان عبوري حڪومت سان ڳالهه ٻول لاءِ وفد افغانستان موڪلڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته افغانستان جي دوري لاءِ ٽي او آرز تيار ڪيا ويا آهن. ٽي او آرز موجب افغان طالبان سان ڳالهين لاءِ 2 رڪني وفد افغانستان ويندو، پهريون وفد ڳالهين لاءِ ماحول سازگار بڻايو ويندو ۽ سفارتي معاملا اُڪلايا ويندا، جڏهن ته ٻيو وفد ڪيترن ئي اسٽيڪ هولڊرز تي مشتمل هوندو. بيرسٽر سيف کي رابطن لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو ويو آهي، ڪي پي حڪومت ڳالهين لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطي ۾ رهندي. ٽي او آرز موجب وفد موڪلڻ جو مقصد ڪراس بارڊر ٽرائبل ڊپلوميسي مضبوط ڪرڻ کان علاوه اقتصادي ۽ معاشرتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي.