ڪي پي جي ڪُرم ضلعي ۾ رتوڇاڻ ۽ حڪومتي نااهلي

0
11
ڪي پي جي ڪُرم ضلعي ۾ رتوڇاڻ ۽ حڪومتي نااهلي

ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو راڪاس اَجهل بڻجي چڪو آهي. شايد ئي ڪو ڏينهن هجي، جو ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو ڪو وڏو واقعو نه ٿيندو هجي. هن وقت خيبر پختونخوا ۾ دهشتگرديءَ جا گهڻا واقعا ٿي رهيا آهن. ڪڏهن پوليس اهلڪار اغوا ڪيا وڃن ٿا، ڪڏهن آپگهاتي حملو ڪري سيڪيورٽي فورسز جا جوان شهيد ڪيا وڃن ٿا ۽ دهشتگرديءَ جي تازي ڏکوئيندڙ واردات خيبر پختونخوا جي ڪُرم ضلعي ۾ ٿي آهي، جتي ٻن مختلف واقعن ۾ پوليس اهلڪارن، ٻارڙن ۽ عورتن سميت گهٽ ۾ گهٽ 38 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن ۽ زخمين جو تعداد به ٽيهارو کن رپورٽ ٿي رهيو آهي. گاڏين جي قافلي تي اهو حملو لوئر دير جي ٻن علائقن مندوري ۽ ڊائو قمر جي علائقن ۾ ڪيا ويا. گاڏين تي فائرنگ بعد دهشتگرد بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي فرار ٿي ويا. اهي قافلا پوليس جي نگرانيءَ ۾ پاراچنار کان پشاور ۽ پشاور کان پاراچنار وڃي رهيا هئا. انهن قافلن ۾ 200 گاڏيون شامل هيون. دهشتگرديءَ جي ان وڏي واقعي جي صدر مملڪت آصف علي زرداري، وفاقي گهرو کاتي جي وزير محسن نقوي ۽ انساني حقن جي تنظيم طرفان مذمت ڪئي وئي آهي.

هڪ طرف ملڪ ۾ اقتدار جي ميوزيڪل چيئر (راند) جاري آهي ته ٻئي طرف دهشتگرديءَ کي روڪڻ جا سکڻا اعلان پڻ هلندڙ آهن، جيڪي دهشتگرديءَ کي روڪڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا آهن. گهڻي ۾ گهڻا دهشتگرديءَ جا واقعا خيبر پختونخوا ۾ ٿي رهيا آهن ۽ اُتي جو وڏو وزير اسلام آباد تي چڙهائيءَ جي ڪرت ۾ مصروف نظر اچي ٿو. خيبر پختونخوا انتظاميا جي نااهلي ته ثابت آهي جو اُها شهرين جو تحفظ نه ڪري سگهي آهي. نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ آپريشن تيز ڪرڻ جي فيصلي بعد آپريشن ۾ ته تيزي نظر نٿي اچي پر دهشتگردي تيز ٿي وئي آهي. آخر اها اجائي هوڏ ڇو آهي جو انتظامي نااهلي ۽ سيڪيورٽي ڪوتاهيءَ جو اعتراف نٿو ڪيو وڃي. سيڪيورٽي فورسز جا نه اهلڪار محفوظ آهن، پوليس، عوام جو تحفظ ته پري جي ڳالهه پنهنجو تحفظ به نٿي ڪري سگهي. پاراچنار وڏي عرصي کان رتوڇاڻ جي ور چڙهيل آهي ۽ انتظامي غير ذميواري صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهي آهي. ڪي پي ڪي حڪومت جي عملداري نظر نٿي اچي. خيبر پختونخوا جو وڏو وزير “ڌرڻو-ڌرڻو” راند ۽ احتجاج ۾ مصروف آهي. شهرين کي ايتري قدر جو سفري تحفظ به حاصل ناهي. رڳو مولاجٽ اسٽائيل بيان ئي نظر اچن ٿا.

خيبر پختونخوا جو ڪرم ضلعو گذريل ڪجهه سالن کان مسلسل لاقانونيت ۽ خونريزي جو شڪار رهيو آهي. هن علائقي ۾ فرقيواريت، ذاتي دشمني، ۽ سياسي عدم استحڪام جا مسئلا انساني جانيون ڳڙڪائي چڪا آهن. انھن حالتن ۾ ڪي پي حڪومت جي مسلسل غفلت صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهي آهي. زميني وسيلن ۽ قبائلي دشمنين سبب علائقي ۾ جهيڙا ۽ جهڳڙا عام آهن، جيڪي گهڻو ڪري خونريزي ۾ بدلجي وڃن ٿا. امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ناقص ڪارڪردگي ۽ مقامي انتظاميا جي نااهلي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي. مقامي امن ڪميٽين جي غير فعاليت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي غير موجودگي واضح غفلت کي ظاهر ڪن ٿا.

خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪُرم جون حالتون جڏهن خراب آهن. انتظاميا اُٺَ پکيءَ وانگر سِسي واريءَ ۾ لڪائي حالتن کان فرار حاصل ڪري رهي آهي ۽ عوام جي تحفظ جي ذميواري پوري نه پئي ٿئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، اقتدار جي ميوزيڪل چيئر ختم ڪري، عوام جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن. ٻين کي ڏوهه ڏيڻ بدران پنهنجين ڪوتاهين جو اعتراف ڪري نئين سر رٿابندي ڪئي وڃي ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن. انتظاميا کي ياد رکڻ گهرجي ته، هاڻي پراڻين مدي خارج ڦَڪين جي وڪري جا هَٽَ بند ڪرڻا پوندا، حقيقت پسند ٿيڻو پوندو. ماڻهن جي صبر کي آزمائڻ جي حماقت نه ڪئي وڃي. ڪُرم ضلعي سميت خيبر پختونخوا جي دهشتگرديءَ سٽيل علائقن ۾ سخت آپريشن ڪري امن بحال ڪرايو وڃي. ڪي پي انتظاميا جو پڻ سخت احتساب ٿيڻ گهرجي، جنهن نااهليءَ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن.