پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ ضل ٿيل ضلعن جي ترقياتي منصوبن ۾  هڪ ارب 9 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. قومي احتساب بيورو (نيب) موجب خيبر، باجوڙ ۽ مهمد ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن تي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. پي ڊبليو ڊي جي 19 آفيسرن سميت 31 ڄڻن تي ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل ٽنهي ضلعن ۾ ترقياتي اسڪيمن جا هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا رکيا ويا هئا، مالي سال 22-2021 ۾ 52 ترقياتي اسڪيمن لاءِ رکيا ويا هئا. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار ن ملي ڀڳت سان غيرقانوني طور 47 ٺيڪا ڏنا ۽ جعلسازي ڪري ادائيگيون ڪيون. جوابدارن قومي خزاني کي هڪ ارب 9 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو نقصان ڏنو.