پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ جي سُڌ سماءَ واري سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم اسلام آباد ۾ احتجاج دوران 12 ڪارڪن مارجڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڪارڪنن مٿان گوليون هلائڻ جا ثبوت ۽ وڊيوز موجود آهن، اڃا به گهڻا ساٿي لاپتا آهن، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته خبر ناهي اُنهن سان ڇا ٿيو، گُم ٿيلن مان ڪيترائي ڪارڪن اڃا پوليس جي تحويل ۾ آهن، حڪومت جو بيان آهي ته هڪ به گولي ناهي هلي، پر اسان وٽ ثبوت آهن ته ڪيتريون گوليون هلايون ويون علي امين گنڊاپور بشريٰ بي بي کي گرفتاري کان بچائي پختونن جي عزت وڌائي آهي، بلوچستان اسيمبلي مان ٺهراءُ آيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وڃي، اسان ڪي پي اسيمبلي ۾ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي تي پابندي جو ٺهراءُ آڻينداسين.