7 جون 2025 دنيا جي مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري آواز، عظيم انقلابي مفڪر ۽ ڏاهي، عوامي تحريڪ جي باني سربراهه محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ستين ورسي جو ڏينھن هو، رسول بخش پليجي صاحب جي پارٽي عوامي تحريڪ طرفان پنھنجي قائد جي ورسي جو جلسي عام هر سال سندس ورسي جي ڏينھن تي رسول بخش پليجي صاحب جي جنم ڀومي جنگشاھي لڳ ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ سندس آخري آرام گاهه تي ڪيو ويندو آهي، ان جلسي عام ۾ سنڌ سميت ملڪ جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن، اڳواڻن، اديبن، شاعرن،صحافين، دانشورن، وڪيلن ۽ ٻين کي سڏايو ويندو آهي. رسول بخش پليجي صاحب جي ان ورسي جي جلسي عام ۾ سنڌياڻي تحريڪ طرفان پنھنجي قائد کي انقلابي انٽرنيشنل تراني جي ڌن تي سلامي پيش ڪئي ويندي آهي، ثقافتي ٽيبلو پيش ڪيا ويندا آهن، هن سال 2025 تي ست جون تي عيد سبب ورسي جو جلسي عام 21 جون 2025 تي ڪيو ويو، عوامي تحريڪ طرفان هي جلسو عام ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ڪينالن خلاف ملڪگير جلسي عام طور ڪيو پيو وڃي، هن جلسي عام ۾ دنيا جي عظيم انقلابي مفڪر قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ستين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ڪينالن خلاف ملڪگير جلسي عام ۽ ملڪ جي مظلوم قومن جي وڏي آواز طور هن جلسي عام کي ڪيو پيو وڃي. 21 جون 2025 تي سموري سنڌ جا مظلوم ماڻهو، مائرون، ڀينرون ، ڀائر، ٻار ۽ ٻڍا جنگشاهي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ گڏ ٿي دنيا جي عظيم انقلابي اڳواڻ ۽ ملڪ جي مظلوم قومن جي حقن لاءِ وڙھندڙ، ھر وقت سنڌ جي ھر مسئلي تي آواز اٿاريندڙ، پاڻي جي وڪيل، عظيم ڏاھي ،مفڪر، قانوندان عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي باني محترم رسول بخش پليجي صاحب ستين ورسي جي موقعي تي وڏي جوش خروش سان سندس آخري آرام گاهه جنگشاهي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ زبردست ڀيٽا پيش ڪري چڪا آهن.
شيخ اياز رسول بخش پليجي صاحب جهڙن ئي عظيم ماڻهن لاءِ لکيو ته: “ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“
رسول بخش پليجو صاحب جهڙا ماڻھو ھڪڙي پوري تاريخ ھوندا آهن، جن جو آواز، جن جا ڪتاب، جن جون ڳالهيون هن دنيا کي بدلائين ٿيون. رسول بخش پليجو صاحب ھڪ تاريخ ٿي اڀريو آهي. رسول بخش پليجي صاحب نئين صبح ۽ پورهيت دوست عوام جي صبح جو منشور ڏنو، جنھن ۾ سمورن پورهيتن کي خوشحالي نصيب ٿئي. محترم رسول بخش پليجو صاحب به انهن شخصيتن ۽ باڪمال ماڻهن مان ھڪ ھو جن پنھنجي سموري حياتي پورهيتن لاءِ ارپي ڇڏي. رسول بخش پليجو صاحب ھڪ بھترين وڪيل ھو جنهن سنڌ وطن ۽ سنڌي غريب ۽ مسڪين عوام جي بنيادي مسئلن ۽ حقن جو بھادري سان ڪيس وڙهيو. رسول بخش پليجي صاحب پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ جنگ ڪئي. اڄ سندس واٽ تي فڪر رسول بخش پليجي جا پانڌيڙا، سندس پارٽي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سنڌ جي پاڻي جي جنگ وڙهن پيا. رسول بخش پليجي جيڪو ٻج ڇٽيو اھو تاحيات ايندڙ نسل ڇٽيندا پيا اچن. سنڌي قوم جو ايندڙ نسل سندس ڏسيل واٽ تي قائم رھندو. رسول بخش پليجو صاحب مسڪين ماڻهن جي حقن جي لاءِ وڙهندو رهيو، رسول بخش پليجي صاحب سنڌي قوم جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ مردن، عورتن، ٻارن، ڇوڪرين، شاگردن، مزدورن، ھارين، وڪيلن، آبادگارن ۽ اقليتن جي تنظيم سازي ڪئي، انهن کي منظم ڪيو ۽ انهن کي عمل جي ميدان ۾ آندو. انهن ماڻهن ۾ جوش ولولو پيدا ڪيو. رسول بخش پليجو صاحب انسان دوست شخصيت هو. ھو نه رڳو سنڌ ۽ ملڪ بلڪه دنيا جي مسڪين عوام سان دوستي جو خواهشمند ھو ۽ پنهنجي پارٽي جي ڪارڪنن جي به ساڳي تربيت ڪئي. پليجي صاحب چاھيو ته دنيا جو ھر ماڻهو پنهنجي گهر ۽ ملڪ ۾ پنهنجي خاندان سان سکيو ھجي تعليم يافته ھجي. اھو علم کان شعور کان سمجھ ڀريو ھجي. پيلجي صاحب تعليم تي وڏو زور ڏنو ۽ چاھيو ته دنيا جو ھر ماڻھو پڙهيل لکيل ھجي ۽ خاص ڪري عورتون.
سنڌياڻي تحريڪ جھڙي عورتن جي انقلابي تنظيم جو بنياد رسول بخش پليجي صاحب جو ھڪ وڏو عظيم ڪارنامو آهي. جنهن عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو. پليجي صاحب سنڌياڻي تحريڪ جھڙي تنظيم وسيلي سنڌ جي عورتن کي سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ شامل ڪري ھڪڙو شاھڪار ڪارنامو سرانجام ڏنو. رسول بخش پليجو صاحب اڄ جسماني طرح ته يقينن اسانجي وچ ۾ ناھي پر سندس ڏسيل واٽ ۽ سندس ڏاھپ جا پڙاڏا اڄ به اسانجي رهنمائي ڪندا رھن ٿا. فڪر رسول بخش پليجو ۽ رسول بخش پليجو صاحب جي فڪري پارٽي عوامي تحريڪ اڄ به پنهنجي قائد جي ڏسيل واٽ تي آهي، جيڪا اڄ به ھر ظلم جي خلاف سراپا احتجاج آهي. اها اڄ به انهن مسڪين اٻوجھ مارو ماڻهن لاءِ سراپا احتجاج آهي جن جي خوشحالي جا خواب اسانجي عظيم قائد محترم رسول بخش پليجي صاحب ڏٺا هئا.