خيرپورناٿن شاهه ( ن پ ا )  خيرپورناٿن شاهه ۽ سي آءِ ڊي پوليس حيدرآباد پاران همراهه کي مبينا کنڀڻ خلاف عورتن معصوم ٻارڙن سان گڏ مک روڊ تي احتجاج ڌرڻو  هني ۽ ، ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.  مسمات رابعيه لانڊر دانهيو ته ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاه جي حڪم تي پوليس اهلڪارن منهنجي مڙس کي بنا جواز گهران کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي ٻن ڏينهن کان ان کي ظاهر ڪرڻ لاء تيار ناهن معصوم ٻچڙا پنهنجي پيءۡ لاء پريشان آهن ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پئي آهيان مڙس سان اهلڪار ملائيڻ لاء تيار ناهن ان کي ظاهر نٿو ڪيو وڃي آئون چيف جسٽس آء جي سنڌ ، ڊي آء جي حيدرآباد کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ٿي ڪريان منهنجي مڙس کي ظاهر ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻيء صورت ۾ احتجاج جاري رکندس. ان موقعي تي ايس ايڇ او علي اڪبر چنا ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين کي ٻڌايو ته سي آء ڊي پوليس حيدرآباد اوهان جو ماڻهو گرفتار ڪري کڻي وئي آهي اسان گرفتار ناهي ڪيو انهن کي گهربل هيو جنهن بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.