خيرپورناٿن شاھ ( ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ جي ڳوٺ ڪريمداد لنڊ ۾ مڙس اصغر سپريو پنھنجي زال پنج ٻارن جي ماءُ ارشاد خاتون کي ڪارنھن الزام مڙهي چاڪن جا وار ڪري مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو، زخمي عورت کي وارث نازڪ حالت ۾ تعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاھ کڻائي آيا، ڊاڪٽرياڻي نه ھجڻ ڪري زخمي عورت ٻن ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ تڙپندي رهي، ان موقعي تي زخمي عورت جي ماءُ مجيدان سپريو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌيءُ بيگناهه آهي، اصغر سپريو بيگناهه ڌيءُ کي ڪارنھن الزام ۾ چاڪن جا وار ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي، بروقت اسين اتي پھچي ڌيءُ کي بچائي ورتوسين ھن چيو ته اصغر مان اسان کي خطرو آهي ڪٿي ھو منھنجي ڌيءُ کي ماري نه ڇڏي. زخمي عورت جي وارثن ۽ شھري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي جي اڳواڻي ۾ اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه ھجڻ خلاف احتجاج ڪندي چيوته تعلقا اسپتال ۾ ھڪ به ڊاڪٽرياڻي موجود ناھي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. ٻي طرف ايم ايس سڪندر نائچ ٻڌايو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي موجود ناھي ان بابت مٿي لکيو آهي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه ھجڻ ڪري ماڻھو سخت پريشان رھن ٿا.