خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) ڪي اين شاهه ۾ ٻوڏ متاثرن ڌرڻو هنيو، روڊ کولائڻ تان چڪريون ٿي پيون، اهلڪارن پاران عورتن ۽ صحافين کي ڌڪا ڏنا ۽ تشدد ڪيو ويو. ان ڏس ۾ خيرپورناٿن شاه گولي مار محلي، شهباز ڪالوني سميت ٻين ڪالونين جي رهواسين جو ڊي سي دادو ۽ مختيارڪار خيرپورناٿن شاه سعيد احمد کونهارو خلاف گولي مار محلي سامهون انڊس هائي وي تي ڌرڻو هنيو مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو، روڊ بند ٿيڻ جي ڪري مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويو. متاثر مختيار جوڳي، اڪبر، محرم، ارشاد، مسمات شبيران ، مسمات زرينه ، مسمات ملوڪانه ۽ ٻين دانهيو ته اسان جا گهر ٻوڏ جي ڪري تباه ٿي ويا آهن اسان انڊس هائي وي تي ٻچڙن سميت ٽينٽن ۾ بکي پيٽ ويٺا آهيون مختيار ڪار اسان کي راشن ڏيڻ لاء تيار ناهي هو من پسند بااثر ماڻهن کي راشن ڏئي رهيو آهي هاڻي هو اسان کي روڊ تان به لڏائيڻ لاء ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي اسان جا ٻڇا بکون پيا ڪاٽن اسان جي حڪمران انتظاميا سار لهڻ لاء تيار ناهي ڌرڻي دوران قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن روڊ بند ڪندڙ عورتن کي ڌڪا ڏئي روڊ کولڻ جي ڪوشش ڪئي عورتن ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا ان دوران عورتن روڊ کولڻ کان انڪار ڪيو ان دوران پنهنجي اخبار ٽائيم نيوز جي رپورٽر ارشاد کوسو مظاهرين جي ڪوريج ڪرڻ دوران قانون نافذ ڪندڙ اهلڪارن صحافي کان موبائيل کسي کنڀي گاڏي ۾ کڻي وڃي رهيا هيا ته مظاهرين عورتن صحافي ارشاد کوسو کي چنبڙي پيون ان دوران صحافي ارشاد کوسو جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا عورتون صحافي کي چنبڙي ويون اهلڪارن کان صحافي کي کنڀڻ کان بچائي ورتو اهلڪارن صحافي جي موبائيل گم ڪري ڇڏي. ڳوٺ هديو کوسو سامهون شبير کوسو، رفيق کوسو جي اڳواڻي ٻوڏ متاثرين روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو. جڏهن ته شهر ۾ لڳل ڌرڻي ۾ شامل ٻوڏ متاثر عورتن آرمي چيف ، ڊي جي آء ايس پي آر ، ڪور ڪمانڊر سنڌ کان مطالبو ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثر عورتن ۽ صحافي ارشاد کوسو تي تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري مختيار ڪار خلاف جاچ ڪئي وڃي. ڌرڻي جي اطلاع تي ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاه ڌرڻي واري جاء پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون. هوڏانهن شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ امين جمالي ، پريس ڪلب صدر صحافي علي گل کوسو ، صحافي نواب منگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اظهار جي آزادي تي وار نامنظور سينئر صحافي ارشاد کوسو تي تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سڄي ضلعي ۾ احتجاج جو سڏ ڏبو ويندو.